ڪراچي(رپورٽر) سندھ ھاءِ ڪورٽ گريڊ 5 کان 15 تائين سرڪاري نوڪرين بابت داخل ڪيل آئيني درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي لاڳاپيل کاتن کي اميدوارن جي ڀرتي وارو عمل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته اميدوارن کي قانوني حقن مطابق غور هيٺ آندو وڃي، درخواست راشد جھتيال ۽ ٻين اميدوارن طرفان داخل ڪئي وئي ھئي، عدالتي حڪم موجب عدالت قرار ڏنو ته لاڳاپيل کاتا ڀرتي وارو عمل اڌ ۾ بند نٿا ڪري سگھن، ڇوتہ اھڙي عمل سان سنڌ سول سرونٽ اپوائنمينٽس،پروموشن، ٽرانسفر رول ۽ سرڪاري ملازمت ۾ انصاف جي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي،عدالت وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ جاري ڪيل معطلي وارو عمل ھاڻي منطقي انجام تي پھچي چڪو آھي، تنهن ڪري هاڻي ڀرتي جو عمل ٻيهر شروع ڪيو وڃي ۽ سڀني اهل اميدوارن کي غور هيٺ آندو وڃي، درخواستگذار جي وڪيل عدالت آڏو موقف رکندي چيو ته ٽيسٽون آ۽ بي اي سکر ذريعي وٺي اميدوارن کي پاس سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا ھئا جيڪي ٽن سالن لاءِ قابلِ عمل آھن، پر ان باوجود ڀرتي جو عمل روڪيو ويو آهي،عدالت پٽيشن تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي چيو ته لاڳاپيل کاتن کي گهرجي ته نوڪرين جي اشتهارن موجب ڀرتيون مڪمل ڪن، پاس ٿيل اميدوارن جي عمر جي حد ۽ سندن ٽيسٽ جي حيثيت کي تسليم ڪن، ۽ گريڊن جي بنياد تي انٽرويو مارڪ ڏيڻ واري پاليسي ختم ڪن،جنهن بعد عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي