سنڌ ۾ هٿ سان قبيلائي جهيڙا ڪرايا پيا وڃن:رياض چانڊيو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي صدر رياض احمد چانڊيو ڪنڌڪوٽ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري غلام عباس باجڪاڻي جي چاچي ساٿي خان باجڪاڻي جي وفات تي تعزيت لاءِ ڳوٺ بشام خان باجڪاڻي پھتو جتي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي رياض چانڊيو چيو ته سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ 27 ھين ترميم آندي پئي وڃي جنھن سان سنڌ کي صوبن ۾ ورھايو وڃي  پر اسين اھڙي ترميم کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين سنڌ کي ھڪ سازش تحت تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي سارين جو اگھ  ڪيرائي ھاري ۽ زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي،هن چيو ته  ھٿرادو امن امان خراب ڪري قبيلائي جھيڙا پيدا ڪري سنڌين کي پاڻ ۾ وڙھائي سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش آهي هن چيو ته  9 نومبر تي پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو احتجاج جي حوالي سان تمام جماعتن سان ڳالهه ٿي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.