اسلام آباد(م ڊ) قانون بابت مملڪتي وزير بئرسٽر عقيل چيو آهي ته آئین ڪو آسماني صحيفو ناهي، جنهن ۾ ڪا تبديلي نه ٿي سگهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ ٽي وي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي، بیرسٹر عقیل چيو ته 26هين آئيني ترميم دوران ڪنهن جي ريٽائرمنٽ سبب جلد بازي ڪرڻ جو موقف غلط آهي، ۽ 27هين ترميم تي به ڪا جلد بازي ناهي، سڀني معاملن تي ڳالهه ٻول ڪئي ويندي. هن چيو ته 27هين ترميم ۾ قومي مفادن سان جڙيل مسئلا آهن، ۽ اهو ڪم ڪافي وقت کان هلندڙ آهي، ڪنهن سياسي جماعت جي فائدي يا نقصان جو سوال ناهي ۽ نه ئي آئین ڪو آسماني صحيفو آهي، جنهن ۾ ڪا تبديلي نه ٿي سگهي.بیرسٹر عقیل جو اهو به چوڻ هو ته اپوزيشن ڪجهه ڏسي ۽ ڳالهايو بغير سياسي بيان بازي شروع ڪري ڇڏي آهي. اپوزيشن کي چاهيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ پارليامينٽ جي فلور تي پنهنجو موقف پيش ڪري، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو موقف به ڏٺو ويندو.
18هين ترميم کي نه پيا ڇيڙيون: عطا تارڙ
اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته 18هين ترميم کي ڪير به نه پيو ڇيڙي،اڄ 9 پارٽين جي وزيراعظم سان مشاورت ٿي آهي،27هين ترميم کي 26هين ترميم جنم ڏنو آهي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مون سميت حڪومتي وزير وضاحت ڪري چڪا آهن ته ارڙهين ترميم رول بيڪ نه پئي ٿئي،نئين ترميم جي منظوري ۾ ڪا به رڪاوٽ نظر نه پئي اچي،هن چيو ته تعليم ۽ آبادي بابت تجويزون آهن جن تي ڳالهيون ٿيون آهن،اسان پ پ جي سي اي سي اجلاس جي سٺين تجويزن جا منتظر آهيون،پارليامينٽ ۾ هڪ هڪ تجويز تي بحث ڪيو ويندو،هن چيو ته آئيني عدالت تي اجايو اعتراض اٿاريا پيا وڃن،اها ڪورٽ ٺهڻ سان سپريم ڪورٽ ۾ سول ۽ ڪرمنل اپيلن جا ڪيس جلدي اڪلائجي ويندا،وڪيلن جو به ان ڳالهه تي اتفاق آهي، تعليم وفاق وٽ هئڻ گهرجي،