ڪراچي(مدثر نظر سنگراسي)27هين ترميم جو مسودو اڃا تائين منظرعام تي نه آيو آهي پر ميڊيا تي رپورٽ ٿيل تجويزن موجب ان ۾ ارڙهين ترميم جون ڪجهه شقون ختم ڪرڻ،اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي، آئيني عدالت جو قيام،آرٽيڪل 243 ۾ اهم تبديليون،مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ شامل آهن،ان پس منظر ۾ ننڍن صوبن خاص طور تي سنڌ ۾ سخت خدشن ۽ وهم وسوسن جو ماحول آهي،ارڙهين ترميم جي خالق جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي به اڃا تائين ان ترميم بابت ٻڏتر جو شڪار نظر اچي ٿي،جيتوڻيڪ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ڪري 27هين ترميم جي اهم نڪتن کي عوام آڏو رکي ڇڏيو آهي ان سان گڏ ئي پ پ اڳواڻن پاران ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪنهن به تبديلي خلاف مزاحمت جون ڳالهيون هلي رهيون آهن پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ تي 17 سالن کان حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽي واقعي صوبي جي مفادن کي نقصان پهچائيندڙ ڪنهن قانون سازي جو حصو بڻجندي يا نه؟حقيقت ۾ سنڌ ۾ طرز حڪمراني تي وڏي عرصي کان تنقيد ٿي رهي آهي،تجويزڪيل ترميمون پ پ جي ”ڪارنامن“ جي ڪري ئي طاقتور حلقن کان اچي رهيون آهن،ان ۾ ڪو به شڪ نه هئڻ ڪري ته امڪاني قانون سازي جو جواز جتي ٻين ڌرين ڏنو آهي اتي پ پ به ان ۾ هڪ وڏي ڀاڱي ڀائيوار آهي،صوبي جي گادي واري هنڌ ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي معاشي حب ڪراچي جي خراب ترين صورتحال سڀني جي سامهون آهي، سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به بدامني،`انفراسٽرڪچر جي تباهي، ڪرپشن، مڪاني ادارن جي بدترين ڪارڪردگي، تعليم ۽ صحت جا شعبا ايستائين جو بيروزگار ۽ غريب نوجوانن جي آخري اميد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ادارو به ميرٽ جي جنازي جي علامت بڻيل آهي،اهڙي صورتحال ۾ ساڃاهه وند طبقو ارڙهين ترميم جي افاديت،اين ايف سي ذريعي ملندڙ فنڊ هيٺين سطح تي منتقل نه ٿيڻ۽ اختيارن تي صوبائي سطح تي قابض رهڻ سبب سنجيده ۽ غور طلب سوال اٿاريندا آهن،سنڌ ۾ ڪا به صنعت لڳائڻ بدران رڳو بي آءِ ايس پي ذريعي ماڻهن کي هٿ ٽنگڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي،انهن سڀني عنصرن اسٽيبلشمينٽ کي ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي جي فارمولي ۾ تبديلي تي غورويچار ڪرڻ ۽ ان حوالي سان اهم فيصلا ڪرڻ جي سگهه بخشي آهي،ذريعن موجب اين ايف سي جو نئون فارمولو صوبن جي ڪارڪردگي،غربت ۾ گهٽتائي ۽ آبادي جي ڪنٽرول سان جوڙڻ جي تجويز ڏني پئي وڃي،تعليم ۽ آبادي ڪنٽرول جا شعبا ٻيهر وفاق حوالي ڪري ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪئي پئي وڃي،ذريعن موجب بااختيار مڪاني نظام جي حوالي سان پ پ کي خدشا آهن،سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پ پ وٽ اختيار هيٺين سطح تي منتقلي جي مخالفت ڪرڻ جو ڪهڙوجوازآهي؟اها تجويز ته بهترين ۽ پ پ جي منشور مطابق آهي،صوبائي فنانس ڪميشن جوڙڻ سان ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا،ذريعن موجب ڇهن ڪئنالن واري معاملي تي اسٽيبلشمينٽ جي اڳ ئي پ پ تي ڪاوڙ آهي،27هين ترميم ۾ پ پ ڪا رنڊڪ وڌي ته طاقتورن سان ان جا لاڳاپا خراب ٿي سگهن ٿا،پوءِ اها ڳالهه ته عالم آشڪار آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن جا قصا ٻچي ٻچي جي زبان تي آهن،ان حوالي سان ادارن وٽ پ پ جا فائل اڳ ئي تيار آهن ۽ پ پ جي ”مبينه مزاحمت“ جي صورت ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ وزيرن ۽ ڪامورن جي گرفتارين جو رستو کلي سگهي ٿو،اهم ڳالهه اها ته آصف علي زرداري صدر جو عهدو هئڻ سبب ڪيسن کان بچي جيل نٿو وڃي سگهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري به ڪو حڪومتي عهدو هئڻ ڪري ان ”خراب مهل“ کان بچيل هوندو،پارٽي جاباقي اڳواڻ جيل ياترا ڪري سگهن ٿا،ذريعن موجب پ پ کي آخري موقعو ڏنو ويو آهي ۽ اهو به چيو ويو آهي ته ڪئنالن واري اشو جي ڪري ٻيهر ڊبل گيم برداشت نه ڪئي ويندي،هاڻي يا ته پيپلز پارٽي مڪمل طور تي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ هلي، يا پاڻ لاءِ الڳ سياسي رستو ٺاهڻ جو فيصلو ڪري،صوبي جي حقن جي ڳالهه تي بيهي ٿي ته ڪرپشن جا فائل تيار آهن،جيڪڏهن سنڌ جي قرباني ڏئي ٿي ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ملڻ سان گڏ مستقبل ۾ وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جون خاطريون مليل آهن،سچ ۾ پ پ هن وقت ٻه واٽي تي بيٺل آهي،ڪهڙي پاسي وڃي ٿي ان جو فيصلو نومبر ۾ ئي ٿي ويندو.