وزيراعظم 27 هين ترميم لاءِ اسپيڪر اياز صادق کي ذميواري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ مان 27هين آئيني ترميم جي منظوري واري معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف اتفاق راءِ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي اهم ذميواريون ڏئي ڇڏيون آهن.  ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سمورن پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس گهرائي ورتو، اجلاس شام جو 5 وڳي اسپيڪر لائونچ پارليامينٽ هائوس ۾ شروع ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ(ف)، اتحادي پارٽين جي چيف وهپس ۽ پارلياماني اڳواڻن کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ آئيني ترميم جي منظوري بابت حڪمت عملي طئي ٿيندي، شرڪت ڪندڙن کي آئيني ترميم جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر پارلياماني اڳواڻن کان چيمبر ۾ ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو. اتفاق راءِ نه ٿيو ته حڪومت پنهنجي نمبرن گيم تي ڀاڙيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.