اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نئين ترميم لاءِ حڪومت وٽ پ پ جي حمايت جي صورت ۾ قومي اسيمبلي ۾ نمبر پورا آهن، باقي سينيٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ماڻڻ لاءِ ٽي ميمبر گهربل آهن. حڪومت سمورن وفاقي وزيرن، ۽ پارليمنٽ ميمبرن جا پرڏيهي ملتوي ڪيا ويا آهن. وزيراعظم شهباز شريف آئيني ترميم جي سلسلي ۾ اهم فيصلو ڪيو آهي ۽ سڀني وزيرن ۽ حڪومتي ارڪانِ پارليمنٽ جا غير ملڪي دورا منسوخ ڪري ڇڏيا آهن. هدايت ۾ سڀني وزيرن ۽ پارليمنٽ ميمبرن کي اسلام آباد ۾ موجود رهڻ جو چيو ويو آهي. اسيمبلي ۾ ن ليگ جا 125، پ پ جا 74، متحده جا 22 ميمبر موجود آهن. حڪومت کي قومي اسيمبلي ۾ آئينی ترميم لاءِ 237 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. حڪومت کي قومي اسيمبلي ۾ آئينی ترميم جي منظوري لاءِ 237 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي، جڏهن ته آئينی ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ 224 ووٽ گهربل آهن. قومي اسيمبلي ۾ ن ليگ جا 125، پيپلز پارٽي جا 74 ميمبر آهن. ايم ڪيو ايم جا 22، پاڪستان مسلم ليگ (ق) جا 5، آءِ پي پي جا 4 ميمبر حڪومتي اتحاد جو حصو آهن. ان کان سواءِ ضياءُ ليگ، نيشنل پارٽي ۽ باپ پارٽي جو هر هڪ ميمبر ۽ 4 آزاد ميمبر پڻ حڪومتي اتحاد جو حصو آهن. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جماعتن جا ميمبر 89 آهن. قومي اسيمبلي ۾ پ پ جي مڪمل حمايت ضروري آهي. سينيٽ ۾ حڪمران اتحاد وٽ 61 ۽ مخالف ڌر وٽ 35 ميمبر آهن پر ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لاءِ 3 ووٽ گهربل هوندا. ذريعن مطابق، سينيٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لاءِ 64 ميمبرن جي ضرورت آهي. 8 نومبر تي وزيراعظم هائوس ۾ هڪ سانجهاندو رکيو ويندو جنهن ۾ اي اين پي پڻ شرڪت ڪري سگهي ٿي. مسودو تيار ڪرڻ لاءِ اتحادي جماعتن تي مشتمل هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو امڪان آهي