اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري کي احمد جواد کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو، رپورٽن موجب نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي اسلام آباد، احمد جواد کي پيڪا قانون تحت سيڪٽر G-13 مان گرفتار ڪيو، احمد جواد کي عدالت مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت خارج ٿيڻ کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو، ان کان اڳ، احمد جواد خلاف پاڪ، ڀارت جنگ دوران تڪراري ٽوئيٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوکه سندن ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ايف آءِ آر ۾ الزام آهي ته احمد جواد جنگ دوران اهڙيون پوسٽون شيئر ڪيون،جيڪي رياست مخالف ۽ بنا ثبوت جي هيون، انهن سان ادارن ۽ شخصيتن کي تذليل جو نشانو بڻايو ويو.