اسلام آباد(عاصمه شيرازي) 27هين ترميم ۾ ملڪ جي فوجي ڍانچي ۾ تاريخي تبديليون آڻڻ جي تجويز سامھون آئي آھي. ذريعن موجب جنرل عاصم منير لاءِ نئين سپر ڪمانڊ پوزيشن تي غور ٿي رهيو آھي، جيڪا آمريڪا جي سينٽ ڪمانڊ ۽ ڀارت جي جوائنٽ ڪمانڊ جي طرز تي ھوندي.آرٽيڪل 243 ۾ تبديليون تجويز ٿيل آھن، جن سان فوجي ڪمانڊ جو نئون ماڊل لاڳو ٿي سگهي ٿو. نئين حڪمت عملي ۾ امڪان آھي ته آرمي، نيـوي ۽ ايئر فورس کي ھڪ مرڪزي ڪمانڊ ھيٺ آندو وڃي، جتي سپريم ملٽري ڪمانڊر جهڙو منصب ٺاهي سگهجي ٿو،ڇا جنرل عاصم منير نئون سپريم ڪمانڊرهوندو؟جوائنٽ چيـف آف اسٽاف کي مڪمل بااختيار عهدي ۾ تبديل ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي.