قطري امير پاران پاڪ، سعودي ٺاهه جي آجيان، پاڪستان دوري جو اعلان

دوحا (م ڊ) قطري امير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي کي سٺو سنئوڻ ۽ وقتائتو قدم قرار ڏئي ڇڏيو. صدر آصف علي زرداري قطر جي امير شيخ تميم بن حمدالثاني سان دوحا ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستاني سفير به موجود هئا، صدر قطري امير کي پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط  بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، جڏهن ته قطري امير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي کي سٺو سنئوڻ ۽ وقتائتو قدم قرار ڏنو. صدر آصف علي زرداري دوحا ۾ ڳالهين جي ميزباني ۽ افغانستان بابت ڪردار کي ساراهيو، جڏهن ته قطري امير اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ افغانستان مسئلا حل ڪندا.صدر دفاع، زراعت ۽ غذائي تحفظ ۾ سهڪار وڌائڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي قطري امير راضپو ظاهر ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور رابطن جي هدايت ڪئي. پڌرائيءَ موجب صدر قطري امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي هن قبول ڪيو ۽ ايندڙ سال جي منڍ ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هوڏانهن صدر آصف علي زرداري چين جي نائب صدر بان زنگ سان ملاقات ڪئي، جيڪا ملاقات دوحه ۾ جاري سماجي ترقي بابت ٻئي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين پاڙيسري ۽ هر موسم جا اسٽريٽيجڪ ڀائيوار آهن. هن چين طرفان هر مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان سان تعاون تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.