اميرن ۽ طاقتور سياستدانن کي شڪست، ظهران ممداني نيويارڪ جو پهريون مسلم سوشلسٽ ميئر

نيو يارڪ (م ڊ) آمريڪي شهر نيو يارڪ سٽي جي ميئر شپ لاءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ مسلمان اميدوار ظهران ممداني ميدان ماري ورتو. آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن مسلمان اميدوار اهو عهدو حاصل ڪيو آهي، غير سرڪاري نتيجن موجب ظهران ممداني 50.3 سيڪڙو (10 لک 24 هزار 794) ووٽ کڻي اڳتي رهيو، جڏهن ته سندس مخالف نيو يارڪ جي اڳوڻي   گورنر اينڊريو ڪوومو 8 لک 47 هزار 200 (41.6) سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.ظهران ممداني ڪاميابي کانپوءِ ووٽرن کي پنهنجي پهرئين خطاب ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو نيو يارڪ کي هڪ اهڙو شهر بڻائيندو، جتي هر هڪ جي آجيان ڪئي وڃي، نيو يارڪ ۾ هاڻ اسلامو فوبيا جي ڪا گنجائش ناهي. هن چيو ته اڄ خوف جي شڪست ۽ اميد جي فتح ٿي آهي، نيو يارڪ ۾ موروثي سياست جو خاتمو ٿي ويو آهي، هي شهر توهان جو آهي، جمهوريت به توهان جي آهي ۽ مستقبل توهان جي هٿن ۾ آهي. آمريڪي صدر کي مخاطب ٿيندي ظهران ممداني چيو ته مون کي خبر آهي توهان ڏسي رهيا آهيون، تنهن ڪري ٽي وي جو آواز  وڌائي ڇڏيو ،اوچو ڪيو، جنهن تي هجوم نعريبازي شروع ڪئي. ٽرمپ ٻڌي وٺي نيويارڪ پناهگيرن جو شهر آهي ۽ رهندو. نيويارڪ ۾ اسلاموفوبيا جي ڪابه گنجائش نه آهي.ظهران ممداني نيويارڪ جي عوام جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته اسان نيويارڪ شهر ۾ تاريخ لکي ڇڏي، عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته پاور انهن جي هٿن  ۾ آهي. نيويارڪ ۾ موروثي سياست جو خاتمو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ منهنجو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ نيويارڪ جي نوجوانن جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، گذريل 12 مهينن جي چونڊ مهم تاريخ لکي ڇڏي، اوهان جي ڪري ئي اڄ اسان ڪاميابي ماڻيندڙ پارٽي سان گڏ بيٺل آهيون.هن چيو ته ٽيڪسي ڊرائيورز، شيفر ۽ نرسز جو به ٿورو، نيويارڪ کي اهڙو ٺاهينداسين جتي ورڪنگ ڪلاس آساني سان رهجي سگهن، سڀ اسان سان گڏ بيٺل آهن، هڪ هزار کان وڌيڪ رضاڪارن جي چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ تي سندن ٿورو ادا ڪريان ٿو. ممداني چيو ته اڄ اسان انهي شهر ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون جنهن جو نئون جنم ٿي رهيو آهي. اڄ خوف جي شڪست ۽ اميد جي سوڀ ٿي، نيويارڪ اڄ تبديلي لاءِ ووٽ ڏنو، صرف انهي ڳالهه جو ڏک آهي ته اڄوڪو ڏينهن ڏسڻ لاءِ تمام گهڻو وقت لڳو. ممداني يوگنڊا ۾ هڪ ڀارتي نسل خاندان ۾ پيدا ٿيا ۽ 7 سال جي عمر ۾ آمريڪا منتقل ٿي ويا. هو 2018 ۾ قدرتي طور تي آمريڪي شهري بڻيا.نيويارڪ جي نئين چونڊيل ميئر ظهران ممداني عوامي خطاب ۾ چيو آهي ته مان نيويارڪ جي هر مزدور جو ٿورو ادا ڪريان ٿو،

اٽي،لٽي،اجهي جو نعرو  نيويارڪ تائين منشور بڻجي ويو:بلاول ڀٽو

اسلام آباد/ڪراچي(بيورو+رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ظهران ممداني جي نيويارڪ سٽي جي ميئر چونڊجڻ تي کيس مبارڪباد ڏني آهي بلاول ڀٽو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته ظهران ممداني جي ڪاميابي واضح ڪري ٿي ته پيپلز پارٽي جو تاريخي نعرو “روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان” هاڻي ڪراچي کان نيويارڪ تائين انسانيت جو منشور بڻجي چڪو آهي،هن وڌيڪ  چيو ته “روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان” اڄ به صرف نعرو نه آهي، پر دنيا جي هر شعور رکندڙ عوام جو بنيادي حق آهي، ان کان علاوه ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب به مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس ڪاميابي عالمي شهرن وچ ۾ سهڪار جو نئون باب کوليندي

پ پ جون پاليسيون هاڻي عوام دوست يا ترقي پسند ناهن:سماجي ردعمل

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ) نيويارڪ جي چونڊيل مسلمان ميئر زهران ممداني کي مبارڪباد ڏيڻ ۽ سندس ترقي پسند سوچ جي واکاڻ ڪرڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،ڪيترن ئي صارفن پيپلز پارٽي جي پاليسين ۽ عمل تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي پاڻ کي ترقي پسند ۽ جمهوريت جي علمبردار سڏائي ٿي، پر عملي قدم ان جي ابتڙ آهن، سياسي تجزئي نگار علي عون  واسي بلاول کي مخاطب ڪري لکيو اوھان صحيح چئو ٿا، پر اوھان جي پارٽي جون پاليسيون هاڻي عوام دوست يا ترقي پسند نظر نٿيون اچن۔ اميد ته نقصان اڻ پورائي بڻجڻ کان اڳ سوچ ۽ رخ ۾ تبديلي ممڪن هوندي،پي ٽي آءِ جي اڳواڻ طيبه راجا پڻ بلاول تي تنقيد ڪندي چيو ته اوھان جي والده جي روح اوهان جا جمھوريت جا ٻول ۽ اُن جي ابتڙ عمل ڏسي ڏکويل هوندي،عبدالله عمران چيو ته پ پ هاڻي ترقي پسند ناهي رهي

آمريڪي عوام سوشلزم کي مثالي نظام قرار ڏيڻ لڳو

نيويارڪ(ثقلين مشتاق)نيويارڪ سٽي جي 34 سالن جي ظهران ممداني جو ميئر چونڊجڻ آمريڪي شهري سياست ۾ هڪ تاريخي ۽ فيصلائتو موڙ طور ڏٺو پيو وڃي۔ پاڻ کي "ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ” قرار ڏيندڙ ممداني سماجي انصاف ۽ معاشي برابري جي منشور تي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي۔ سندس ڪاميابي نه رڳو پاليسي سطح تي وڏي تبديلي جي علامت آهي پر علامتي طور پڻ تمام اهم آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ هو نيويارڪ جا پهريان مسلمان، پهريان ڏکڻ ايشيائي ۽ گذريل سؤ سالن ۾ سڀ کان گهٽ عمر وارا ميئر بڻجي ويا آهن۔ ممداني پنهنجي  چونڊ مهم دوران نوجوانن، مزدور طبقي ۽ مهاجر برادرين کي متحد ڪيو ۽ واعدو ڪيو ته هو گهرن جي ڪرائي جي حد مقرر ڪندو، گهٽ قيمت گروسري اسٽور قائم ڪندو، ٻارن جي سار سنڀال ۽ بس جي سفر کي مفت بڻائيندو۔ انهن منصوبن لاءِ سندس مالي فارمولو ڪارپوريشنز ۽ امير ترين طبقي تي ٽيڪس وڌائڻ تي ٻڌل آهي، جيڪو گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان جاري امير طبقي لاءِ پاليسين جو رخ غريبن جي حق ۾ موڙڻ جي برابر آهي،سندس ووٽرن جو اتحاد عمر، نسل ۽ طبقي جي حدن کان مٿانهون هو۔ نوجوان، مزدور، مهاجر ۽ اقليتي آباديءَ وارن علائقن ۾ هن کي ڀرپور حمايت ملي،قابلِ ذڪر ڳالهه اها آهي ته فلسطيني ماڻهن جي حق ۾ کلي مؤقف اختيار ڪرڻ ۽ اسرائيل جي قدمن تي تنقيد جي باوجود ممداني کي نيويارڪ جي نوجوان يهودي ووٽرن جي حمايت حاصل رهي،  ممداني جي ڪاميابي کي آمريڪا ۾ "ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ” نظريات جي اڀار جي علامت قرار ڏنو پيو وڃي۔ سروي موجب هاڻي 66 سيڪڙو ڊيموڪريٽس سوشلزم کي هڪ مثالي نظام سمجهڻ لڳا آهن، جيڪو وڌندڙ معاشي نابرابري، مهانگائي ۽ رهائش جي بحران سبب عوامي ذهنيت ۾ تبديلي جو مظهر آهي۔ سينيٽر برني سينڊرز ۽ ڪانگريس وومين اليگزينڊريا اوڪاسيو ڪورٽيز جهڙن اڳواڻن انهن نظرين کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ۽ ممداني کي انهن جو فڪري وارث سمجهيو پيو وڃي۔ تنهن هوندي به، ممداني لاءِ ايندڙ رستو آسان نه هوندو۔ کيس ڪارپوريٽ ادارن، روايتي سياسي ڌارا ۽ ميڊيا جي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو۔ سندس ٽيڪس ۽ سماجي خرچن تي ٻڌل منصوبن کي "غير حقيقي” قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن⁠تہ اسرائيل بابت سندس مؤقف کي ڪي بااثر حلقا خطرناڪ حد تائين "انتہا پسنداڻو” سڏين ٿا۔

 وڏا سرمائيدار ظهران جي سوشلسٽ خيالن کان ڊنل

واشنگٽن(عوامي آواز رپورٽ) وائٽ هائوس جي اڳوڻي ڊائريڪٽر اليِسا فراح گريفٿ چيو آهي ته ظهران ممداني جو خطاب  مڪمل طور سوشلسٽ نظرين جو دفاع هو،هن ممداني کي "ليفٽ وِنگ جو ٽرمپ” قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي ته هو به روايتي سياسي ترتيب کي چيلينج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔انهيءَ دوران آمريڪي نشرياتي اداري جي تجزياڪار ڪارا سوئشر چيو آهي ته ممداني جي مهم ماڻهن کي ان ڪري متاثر ڪئي جو اها سڌيءَ طرح عوامي احساسن سان ڳنڍيل هئي۔ سندس چوڻ آهي ته ممداني جي لهجو ۽ پيغام ماڻهن ۾ اميد ۽ تبديلي جو جذبو پيدا ڪيوانهيءَ دوران ڪجهه وڏا سرمائيدار ظهران ممداني جي سوشلسٽ خيالن سبب اڃا تائين محتاط رويو اختيار ڪري رهيا آهن،هڪ هيج فنڊ مينيجر جو چوڻ هو ته اسان دنيا جي سڀ کان وڏي سرمائيداراڻي شهر ۾ ڪنهن سوشلسٽ کي برداشت نٿا ڪري سگهون.

ٽرمپ نيويارڪ ۾ شڪست جو ڪارڻ شٽ ڊائون قرار ڏئي ڇڏيو

نيويارڪ(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ظهران ممداني جي فتح ۽ پنهنجي جماعت جي اميدوار جي هار جو ٻه اهم ڪارڻ قرار ڏنو آهي. تفصيلن مطابق، ظہران ممدانی جي نيو يارڪ جو ميئر چونڊڻ تي ٽرمپ جو ردعمل سامهون آيو، جنهن ۾ هن پنهنجي جماعت جي اميدوار جي هار جا 2 اهم ڪارڻ بيان ڪيا آهن. هڪ پيغام ۾ ٽرمپ چيو ته "ريپبلڪنز جي شڪست جا ٻه وڏا سبب آهن، پهريون سبب اهو آهي ته مان بيليٽ تي موجود نه هئس، ۽ ٻيو سبب اهو آهي ته آمريڪا ۾ جاري حڪومت جو شٽ ڊائون آهي، جنهن سبب پارٽي لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿيون.”

منظرعام تي نه ايندڙ ظهران ممداني جي گهرواري چونڊ مهم کي نئين سڃاڻپ ڏني

نيويارڪ(عوامي آواز رپورٽ)نيويارڪ جي نئين ميئر ظهران ممداني جي گهرواري رامادواجي جو ڪردار عالمي ميڊيا  جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي،اين ڊي ٽي وي مطابق ڊلاس ۾ پليل ۽ دبئي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شام ڄاول آمريڪي فنڪاره نه رڳو پنهنجي مڙس جي چونڊ مهم جي ڊيزائن ۽ تشهيري حڪمت عملي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو بلڪه هن جي مهم کي هڪ سڃاڻپ به ڏني،دلچسپ ڳالهه اها آهي ته راما دواجي عوامي مهمن يا مباحثن ۾ حصو نه ورتو،ٻنهي فيبروري 2025ع ۾ نيويارڪ جي هڪ عدالت ۾ سادي تقريب ذريعي شادي ڪئي،

ڪراچي جي تبديلي نيويارڪ تائين پهچي وئي : وڏو  وزير

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان کي پنهنجي ترقيءَ لاءِ نئين سر رخ کي ترتيب ڏيڻ  جي ضرورت آهي، ملڪ هن وقت پنهنجي معاشي ۽ انتظامي سفر جي هڪ نازڪ موڙ تي بيٺو آهي۔ هي ڳالهه هن اربع ڏينهن دي فيوچر سمٽ 2025، ڪورس ڪوريڪشن: ري ڊيفائننگ دي ڊائريڪشن جي عنوان سان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چئي جيڪا نٽ شيل گروپ ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان پاران گڏيل طور تي منعقد ڪئي وئي، وڏي وزير پنهنجي حڪومت جا چار بنيادي واعدا ٻيهر ورجائيندي چيو ته سنڌ حڪومت سيڙپڪارن، اسٽارٽ اپس ۽ ترقياتي ادارن سان ڀائيواريون وڌيڪ مضبوط ڪندي، عملداري ۾ تيزي آڻڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن ۽ غيرضروري رڪاوٽن کي گهٽائيندي، عورتن، نوجوانن ۽ پسمانده طبقن جي شموليت کي يقيني بڻائيندي ۽ احتساب کي يقيني بڻائيندي، هن چيو ته اڄ نيويارڪ 34 ورهين جي مسلم ميئر زهران ممداني کي چونڊي تاريخ رقم ڪئي آهي، جيڪا تبديلي جي اها لهر آهي جيڪا ڪراچي کان شروع ٿي ۽ هاڻي نيويارڪ تائين پهچي وئي آهي،نوجوان قيادت ئي مستقبل جي ضمانت آهي، ۽ تبديلي جو آغاز اسان جي ڪراچي مان ٿيو هو، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ قومون پنهنجي ترقياتي ماڊلز ۽ ترجيحن جو ٻيهر جائزو وٺي رهيون آهن، ۽ اهو وقت آهي ته نوجوان قيادت کي اڳتي آڻي سگهجي ته جيئن مستقبل جا چيلينجز منهن ڏئي سگهجن।

نيويارڪ جو ميئر ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن کان وڌيڪ بااختيار

نيويارڪ (م ڊ) نيويارڪ سٽي جو ميئر ظهران ممداني ايندڙ سال جي پهرين جنوري تي عهدي جو حلف کڻي آمريڪا جي سڀ کان وڏي شهرن مان هڪ نيويارڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو بڻجي ويندو، آمريڪي اخبار موجب ميئر نيويارڪ هڪ وڏي بيوروڪريسي جي نگراني ڪندو آهي ۽ شهر جي لڳ ڀڳ 85 لک ماڻهن جي روزمره جي زندگي ۽ معيشت تي سڌو اثرانداز ٿيندو آهي، نيويارڪ جي شهري انتظاميه جي هيٺ 100 کان وڌيڪ ادارا ڪم ڪن ٿا، جن مان ميئر سڌي طرح 30 ادارن جو سربراهه هوندو آهي ۽ انهن جي مقرري ۽ برطرفي جو اختيار به ميئر وٽ هوندو آهي. آمريڪا جي يونيورسٽي آف مائونٽ سينٽ ونسنٽ سان لاڳاپيل سياسي ماهر پروفيسر جي سي پولانڪو چيو آهي ته نيويارڪ سٽي جو ميئر بي پناهه اختيار رکندڙ عهديدار آهي، هو شهري انتظاميه جي 3 لک کان وڌيڪ عملي جي نگراني ڪري ٿو، جڏهن ته شهر جي 120 ارب ڊالرن کان وڌيڪ بجيٽ جو نگران به هوندو آهي، ميئر کي اختيار آهي ته هو رينٽ گائيڊ لائينز بورڊ  جا سڀ ميمبر مقرر ڪري، جيڪو گهرن جي ڪرائي ۾ واڌ يا گهٽتائي بابت فيصلا ڪندو آهي، عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب ميئر پاڻ قانون نٿو ٺاهي سگهي، اهو اختيار سٽي ڪائونسل وٽ هوندو آهي، پر ميئر ڪائونسل جي منظور ڪيل قانونن تي صحيح يا رد ڪري سگهي ٿو، ميئر کي اختيار آهي ته هو 30 کان وڌيڪ شهري ادارن جا ڪميشنر مقرر يا برطرف ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.