سکر (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ سرڪاري اسپتالن جي خراب حالت واري ڪيس ۾ سيڪريٽري صحت جي مطمئن نه ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ کي ذاتي حيثيت ۾ سڀاڻي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس رياضت علي ساهڙ تي مشتمل آئيني بئنچ مائي بختيار خاتون سولنگي طرفان جسماني طور معذور ٽن ٻارن 36 ورهين جي سيما، 34 ورهين جي جاويد ۽ 33 ورهين جي جنسار کي طبي سهولتن ۽ مالي امداد ڏيارڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت سيڪريٽري صحت کان آڏي پڇا ڪئي ته سرڪاري اسپتالن ۾ فراهم ٿيندڙ مفت دوائن جي اسٽينڊرائيز هئڻ جو ڪهڙو پئمانو آهي، درخواستگذار عورت جي ٻارن کي جيڪي دوائون ڏنيون ويون ڇا اهي غيرمعياري هيون جيڪي درخواست گذار واپس ڪيون، دوائن جي خريداري جو طريقيڪار ڪهڙو آهي، دوائن جي ڪوالٽي ڪيٽيگريز فرسٽ ۽ ٿرڊ به هوندي آهي ڇا، دوائن جي سرڪاري اسپتالن مان مفت فراهمي جي مڪينزم ۾ فارميسي ونگ جي ڪردار کان آگاهه ڪيو، عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته مخصوص ڪمپنين کان دوائون خريد ڪيون وڃن ٿيون، ڇا سنڌ صوبي ۾ صحت کاتي جو نظام بهتر آهي وضاحت ڪيو، عدالت کي سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ ٻڌايو ته سيپرا رولز تحت دوائن جي خريداري ڪئي ويندي آهي، سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون، ايمرجنسي ۾ يا وري انڊور ۾ داخل مريضن کي مفت دوائن جي فراهمي خاطر لوڪل پرچيز (ايل پي) فنڊ بجيٽ هوندي آهي، جنهن تي عدالت کيس مخاطب ٿيندي چيو ته اها اسان کي ڄاڻ آهي اوهان اسان کي مطمئن ڪندڙ جواب نه پيا ڏيو، جنهن کانپوءِ عدالت سوشل ويلفيئر کاتي وارن کان پڇاڻو ڪيو ته معذورن جي سهائتا جو طريقيڪار ڪهڙو آهي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته معذورن کي تعليم ڏيڻ سميت امداد ڪرڻ خاطر اين جي اوز طرز تي وهنوار هلايو ويندو آهي، جنهن تي جسٽس ذوالفقار علي سانگي چيو ته سرڪاري اسپتالن جون عمارتون ٺهڻ کانپوءِ ڊهي به ويون آهن سرڪاري اسپتالن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽرن خانگي اسپتالون جون وڏيون عمارتون جوڙائي ڇڏيون آهن، هن چيو ته سيڪريٽري صاحب سرڪاري اسپتالن جي حالت اها آهي جو پنوعاقل ۾ مريض قرآن پاڪ کڻي علاج لاءِ احتجاج ڪن پيا مريضن کي ڌڪا ڏنا پيا وڃن اوهان ڪهڙو نوٽيس ورتو آهي، عوام جو پئسو عوام تي خرچ نه پيو ٿئي سرڪار پئسا ڏي پئي پر اهي ڪروڙين روپيا خرچ ڪٿي پيا ٿين، عدالت چيو ته عوام کي پينا ڊول گوري به نٿي ملي جيڪي سرڪاري اسپتالن جا ڊاڪٽر خانگي اسپتالن ۾ ڪم ڪن پيا انهن خلاف ڪاروائي ڇو نه ڪئي وئي، جسٽس رياضت علي ساهڙ چيو ته صحت واري صوبائي وزير پڙهيل لکيل اهل آهي ان کي اوهان جي خبر ناهي ته اوهان هي ڇا پياڪريو، خالي سرنج 25 رپين ۾ اوهان ڪيئن خريد ڪئي آهي سرڪار کان مليل فنڊن جي نيب کان جاچ ڪرايو، سوشل ويلفيئر کاتي جي آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ٽنڊوالهيار جو دورو ڪيو آهي، جنهن تي عدالت مٿس سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ ڇنڊ پٽي ته اوهان کان جيڪو پڇيو ٿو وڃي انهي بابت ڪجهه نه پيا ٻڌايو، هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون پيا ڪيو، اوهان وٽ فنڊ آهن پر اوهان مستحقن کي ڏيڻ بجاءِ اين جي اوز کي ڏيو پيا، سکر ۾ سوشل ويلفيئر کاتي جي فلاحي مرڪزن کي ڏنل موٽر وهيڪل بس کي پيٽرول به پورو نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري مخير حضرات سان تعاون ۽ مدد ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويندو آهي، اهو ته اوهان جو حال آهي، اوهان وهنوار هلائڻ ۾ ناڪام ڇو آهي، نظام کي درست ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ اوهان سالن کان وزٽ ئي نه ٿا ڪريو، ايڏي لاپرواهي برتي پئي وڃي، ڇو نه چيف سيڪريٽري کي طلب ڪري سرڪاري کاتن جي وهنوار بابت وضاحت گهري وڃي، جنهن بعد عدالت چيف سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ريحان بلوچ جي سيڪريٽري صحت طور مقرري غيرقانوني قرار
سکر (رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر آئيني بينچ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس رياضت علي ساهڙ تي مشتمل بينچ صحت کاتي بابت لکت ۾ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، عدالت فيصلي ۾ لکيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ابتڙ 20 هين گريڊ جو آفيسر سيڪريٽري صحت مقرر آهي جيڪو 21 هين گريڊ جو مقرر هجڻ گهرجي، موجوده سيڪريٽري ريحان بلوچ عهدي جي اهل نه آهي، عدالت کي ڄاڻايو ويو ته سيڪريٽري صحت سنڌ BS-20 گريڊ جو آفيسر آهي پر کيس BS-21 پوسٽ تي لڳايو ويو، جيڪو سُپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي، عدالت چيو ته حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن 10 نومبر 2022 موجب سيڪريٽري صحت جي پوسٽ BS-21 ۾ شامل ڪئي وئي آهي، جيڪو قانون جي ابتڙ عمل آهي.عدالت آفيسرن جي روين تي شديد ناراضگي ظاهر ڪندي چيو ته لاڳاپيل آفيسر پنهنجي ذميوارين ۾ نااهلي، بي ڌياني ۽ لاعلمي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، جيڪو افسوسناڪ آهي. عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏنو ته هو ذاتي طور پيش ٿي، ۽ “سينٽرل ريٽ ڪنٽريڪٽ سسٽم (CRCS)” تحت گذريل پنجن سالن جي ميڊيسن ۽ ميڊيڪل سامان جي خريداري جا مڪمل تفصيل پيش ڪري، جنهن ۾ ڪامياب ڪمپنين، فارماسيٽيڪل مالڪن ۽ ٻين ٺيڪيدارن جا نالا، خرچن جا تفصيل ۽ شڪايتون پڻ شامل هجن.عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي 7 نومبر 2025 تي صبح 10 وڳي ٿيندي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر ذاتي طور تي عدالت ۾ پيش ٿين.عدالت طرفان حڪم ڏنو ويو ته هي حڪم نامو فوري طور تي فيڪس ذريعي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن ان تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. جسٽس ذولفقار علي سانگي چيو ته سکر هاءِ ڪورٽ ڊبل بئنچ لکت م جڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي ته سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ جي مقرري سپريم ڪورٽ جي قانون جي خلاف ورزي آهي. هي عهدي لاءِ اهل ناهي؛
پنجن سالن ۾ دوائن جي خريداري جو رڪارڊ طلب
سکر:جسٽس ذوالفقار سانگي رمارڪس ۾ چيو ته ايڊيشنل سيڪريٽري ابراهيم ميمڻ عدالت کي دوائن جي خريداري تي ڪوبه رڪارڊ پيش نه ڪري سگهيو آهي جيڪا نااهلي، غفلت ۽ ناقص ڪارڪردگي کي ظاهر ڪري ٿي،پنج سالن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ سسٽم ۾ دوائن جي اربين روپين جي خريداري جو پنج سالن جو رڪارڊ طلب ڪيو وڃي.
چيف سيڪريٽري عملدرآمد رپورٽ جمع نه ڪرائي: جسٽس ذوالفقار سانگي
سکر:جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس رياضت علي ساهڙ چيو آهي ته مسلسل عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي اڄ نه چيف سيڪريٽري عمل درآمد رپورٽ جمع ڪرائي آهي نه ڪو فوڪل پرسن آيو آهي جيڪا اسانجي حڪمن جي مذاق آهي.
پني عاقل جي اسپتال ۾ علاج جي سهولت موجود ناهي:درخواست گذار
سکر: درخواستگذار عورت مائي بختيار خاتون سولنگي طرفان وڪيل شفيق بابر لغاري معرفت داخل ڪرايل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اسپتال ۾ علاج جي سهولت ناهي، معصوم ماڻهن جون جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، جسماني معذوري سبب سندس ٽي ٻار گهمڻ، ڦرڻ ۽ هلڻ کان لاچار آهن، معذور ٻارن جو والد نثار احمد چوٿين گريڊ جي نوڪري تان ريٽائرڊ ٿيڻ ڪري پينشنر آهي، ماهوار ٿوري آمدني هئڻ ڪري سندس لاءِ اولاد جي ڪفالت ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي، هلندڙ سال جي مئي مهيني ۾ هن معزز عدالت بيت المال ۽ سوشل ويلفيئر کاتي وارن کي معذور ٻارن جي مالي سهائتا لاءِ وظيفو ۽ امداد جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، گڏوگڏ صحت کاتي جي آفيسرن کي طبي امداد ۽ معذورن معائني ڪرڻ ۽ دوائن جي فراهمي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن تي عمل ناهي ڪيو ويو.