اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا مولانا فضل الرحمان 27 هين آئيني ترميم بابت چوڻ آهي ته حڪومتي طرفان ان بابت اڃان تائين ڪو مشاورت ناهي ڪئي وئي فيصل واوڊا ڪو پيغام ناهي کڻي آيو. پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جڏهن 27 هين آئيني ترميم جو مسودو اچي ٿو، تڏهن ان بابت نظرثاني ڪئي ويندي، اسان کي اڃان تائين مسودو ناهي مليو. ان موقعي تي هڪ صحافي مولانا فضل الرحمان کان سوال ڪيو ته "مولانا صاحب! انهن وٽ ووٽ پورا آهن؟ ڇا اهي توهان کي شامل ڪندا؟” جنهن تي جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه جو جواب هو ته "اهو بهترين سوال آهي، اهو سوال ٺهڪي ٿو.”