27هين ترميم بابت حيران ۽ پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم جي ضرورت آهي ته ان ۾ پريشاني جي ڪا ڳالهه ناهي، ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ بلدياتي نظام سميت ڪيترن ئي قدمن تي عملدرآمد چاهي ٿي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته 27هين آئيني ترميم بابت گذريل ڪجهه ڏينهن کان ماڻهو اسان سان رابطو ڪري رهيا آهن، 26هين آئيني ترميم وقت به اسان جو مطالبو اهو ئي هو  ته جمهوريت جا فائدا عوام تائين پهچڻ گهرجن، 27هين آئيني ترميم جي معاملي تي اسان پاڻ وزيراعظم سان رابطو ڪيو آهي، هي ترميم سٺي حڪمراني (گڊ گورننس) ۽ صوبن ۾ بهتر هم آهنگي لاءِ ڪئي پئي وڃي،  هاڻ هڪ الڳ آئيني عدالت جي قيام جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي، آباديءَ جي ڀلائي وارو کاتو (پاپوليشن ويلفيئر) وفاق جي ماتحت هجڻ گهرجي، ايم ڪيو ايم بلدياتي نظام تي مڪمل عملدرآمد چاهي ٿي، فاروق ستار چيو ته آئين يقينن هڪ مقدس دستاويز آهي، پر اهو آسماني صحيفو نه آهي، حالتن جي ضرورت  موجب ان ۾ ترميمون ٿي سگهن ٿيون، جيڪڏهن 26هين ترميم کان پوءِ 27هين جي ضرورت آهي، ته ان ۾ پريشاني جي ڪا ڳالهه ناهي، 18هين ترميم تحت صوبن کي خودمختياري ملي ۽ هاڻي ان کان اڳتي مقامي حڪومتن کي خودمختياري ڏيڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.