حڪومت 27 هين ترميم ڪري، مان 28 هين جي تياري پيو ڪيان:فيصل واوڊا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته 27هين ترميم حڪومت جو قدم آهي ، 27هين ترميم لاءِ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، مان ته 28هين ترميم جي تياري ۾ لڳل آهيان. سينيٽر فيصل واڊا اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمٰن سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  جي يو آءِ سربراهه سان ملاقاتون ٿينديون رهن ٿيون، مولانا فضل الرحمٰن مضبوط سياستدان آهن،  27هين ترميم جي معاملن کي سمجهڻ ۽ ڏسڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اسان جي تجويزن تي مولانا فضل الرحمٰن چيو آهي ته هو انهن تجويزن جو جائزو وٺندا. ملڪ جي سياست ۾ ان جو اهم ڪردار آهي، ملڪ جي سلامتي لاءِ هميشه مولانا فضل الرحمٰن اڳتي رهيا آهن. انهن سان ڳالهائڻو هو، جيڪو ڪجهه ٻڌائڻو هو، سو ٻڌائي ڇڏيو. هڪ سوال جي جواب ۾ فيصل واوڊا چيو ته نوجوان سهيل آفريدي جو اڳتي اچڻ هڪ سٺي ڳالهه آهي، ان جي ڀليڪار چئي ٿو پر جيڪڏهن اسلام آباد اچي ڪري ايوان ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي سزا ملندي، ۽ پابندي پڻ لڳندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.