پ پ ۽ ن ليگ هڪ نڪتي تي پهچي ويون\27هين ترميم جمعي تي سينيٽ ۾ پيش ٿيندي\اسحاق ڊار

اسلام آباد(بيورو)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت 27هين آئيني ترميم پاڻ آڻي رهي آهي ۽ ضرور آڻيندي، اها ڪا “پيراشوٽ “ ترميم ناهي، اتحادي پارٽين سان مشاورت به جاري آهي ۽ آخري مسودو پارليامينٽ آڳيان پيش ڪيو ويندو،سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته حڪومت جمعي تي 27هين آئيني ترميم سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪندي،ايندڙ هفتي منظور ڪرڻ جو امڪان آهي، ۽ ان تي آئين ۽ قانون جي مڪمل تقاضائن موجب عمل ۾ آندو ويندو،ڪو به جلدبازي نه ٿيندي، بحث به ٿيندو ۽ سڀني ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو،حڪومت کي ڪنهن به قسم جو خدشو ناهي، هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ هڪ پوائنٽ تي پهچي ويون آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي سان ترميم تي ڳالهيون ٿيون آهن، هاڻي ٻين اتحادي جماعتن سان به ڳالهه ٻولهه جاري آهي،جيڪو فائنل ڊرافٽ هوندو سڀني جي سامهون آندو ويندو،هن چيو ته منهنجي تجويز آهي ته ترميم سڀ کان اڳ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وڃي، ۽ قانون واري وزير کي به اهو چيو ويو آهي،اسحاق ڊار چيو ته 27هين ترميم حڪومت جو پنهنجو قدم آهي، “58-2(b) جي خاتمي وانگر هي ترميم به جمهوريت جي تسلسل جو حصو آهي.اپوزيشن ليڊر جي مقرري بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اهو عمل چيئرمين سينيٽ جي ذميواري آهي ۽ حڪومت ان عمل ۾ رڪاوٽ نه  وجهندي،اڪثريت سان اپوزيشن ليڊر ٺهندو آهي، تقريرن سان نه،هن چيو ته ايون جا معاملا ذاتي انا جي بنياد تي نه پر پيشاوراڻي انداز سان هلائڻ گهرجن، مان يقين ڏياريندو آهيان ته ڪا به ترميم جلدي بازي ۾ منظور نه ڪئي ويندي، هن چيو ته حڪومت هن وقت سڀ کان وڏي اتحادي سان گڏ ويٺي آهي، ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم، اي اين پي، ۽ بي اي پي کي به اعتماد ۾ وٺڻو آهي. قانون وارو وزير ترميم سينيٽ ۾ پيش ڪري ان کي ڪميٽي ڏانهن موڪلي، ۽ ڪميٽي چيئرمين کي هدايت ڪئي وڃي ته قومي اسيمبلي جي قانون انصاف ڪميٽي کي گڏ ويهارين. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو پنهنجو بيان ڏيڻ جو حق رکي ٿو، ۽ جيڪي ڳالهيون هن ڪيون اهي هوا ۾ نه هيون، انهن تي بحث ٿي چڪو آهي،اسان وڪيل فورمز ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان به مشاورت ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.