سوڊان جيڪو پکيڙ جي لحاظ سان مسلم دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ هو ان کي پهرين ته مسلم ۽ عيسائي آبادي وچ ۾ ورهائي، گهرو ويڙهه جو شڪار ڪيو ويو جنهن کان پوءِ عالمي وڏين طاقتن ۽ گڏيل قومن جي آشيرواد سان ڏکڻ سوڊان ۽ اولهه سوڊان ۾ ورهائي ٻه اڌ ڪيو ويو. 2019ع ۾ جڏهن جنرل حسن البشير جي حڪومت جو خاتمو ٿيو تنهن کان پوءِ جنرل بُرهان ۽ جنرل محمد موسى حميدتي جي وچ ۾ اقتدار جي ڊگهي گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي جنهن ۾ 2013ع ۾ جڏهن دارفور ۾ عيسائي مليشيا خرطوم خلاف بغاوت ڪئي هئي تڏهن خرطوم هڪ ريپڊ سپورٽ فورس RSF قائم ڪئي هئي ، پر جيئن تاريخ ٻڌائي ٿي، "هڪ ملڪ ۾ ٻه فوجون گڏ نه ٿيون رهي سگهن ٿيون”۔ هن مليشيا کي وسيلن، اختيار ۽ تحفظ سان گڏ اها آزادي به ملي، جنهن آخرڪار رياستي ڍانچي کي ڪمزور ڪري ڇڏيو۔ جڏهن 2019ع ۾ عمرالبشير جي حڪومت ختم ٿي، تڏهن هي ئي مليشيا اقتدار جي جنگ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻ لڳي۔ ريپڊ فورسز عبوري فوجي دور ۾ به پنهنجي اثر ۾ واڌ جاري رکي۔ پوءِ 2023ع ۾ اهو لمحو آيو جڏهن جنرل برهان جي فوج ۽ جنرل حميدتي جي فورس وچ ۾ ٽڪراءُ سوڊان کي مڪمل گهرو ويڙه ۾ ڌڪي ڇڏيو۔ 2023ع کان جاري گهرو ويڙهه ۾ هن وقت تائين هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن جڏهن ته گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري موجب هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ۽ لکين ماڻهو فاقه ڪشي جو شڪار آهن. تازو سوشل ميڊيا تي سوڊان جي شهر الفاشر ۾ گذريل هفتي کان جيڪي منظر سامهون اچي رهيا آهن، اهي انساني ضمير کي لوڏي ڇڏڻ لاءِ ڪافي آهن. جنرل بُرهان جي فوجي دستن جي انخلا کان پوءِ ريپڊ سپورٽ فورسز شهر تي قبضو ڪري هڪ اهڙو قتلِ عام شروع ڪيو آهي جنهن دارفور جا پراڻا زخم ٻيهر تازه ڪري ڇڏيا آهن.صرف چئن ڏينهن ۾ ٻن هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ پنجويهه هزار کان وڌيڪ شهري لڏپلاڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن. سوشل ميڊيا تي اهڙيون وڊيوز هلي رهيون آهن جنهن ۾ هٿيار بند جنگجو ماڻهن کي سرِعام گولين سان ماري رهيا آهن. گڏيل قومن موجب الفاشر شهر جي چوڌاري لڳ ڀڳ هڪ لک سترهن هزار ماڻهو ڦاٿل آهن جيڪي کاڌي، پاڻي يا علاج جي سهولتن کان محروم آهن. هي الميو اڄ جو نه پر ڏهاڪي پراڻين پاليسين جو نتيجو آهي.اڄ الفاشر ۾ جيڪو رت وهي رهيو آهي، اهو انهن ئي غلط فيصلن ۽ طاقت جي بي مهاري جو نتيجو آهي.
گڏيل قومن جي تازين رپورٽن موجب، سوڊان جي صورتحال هن وقت هڪ بدترين انساني الميي جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. لکين ماڻهو بي گهر، ملڪي معيشت تباهه، اسپتالون ۽ تعليمي ادارن سميت سمورا سرڪاري ادارا ملبي ۾ تبديل، عورتون ۽ ٻار عدم تحفظ واري ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. جنگ جي ڪري ملڪ ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، جڏهن ته دارفور ۽ الفاشر شهر سميت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن باغين مٿان نسل ڪشي جا الزام به سامهون آيا آهن. گڏيل قومن پاران سوڊان جي گهرو ويڙهه کي دنيا جو سڀ کان وڏو انساني بحران قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ هن وقت تائين هڪ لک پنجاهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن، جڏهن ته هڪ ڪروڙ ويهه لک ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي پاڙيسري ملڪن ايٿوپيا، چاڊ، اريٽريا ۽ ڏکڻ سوڊان طرف لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. آر ايس ايف هن وقت اولهندي سوڊان ۽ ڏکڻ ۾ ڪورڊوفان جي اڪثر حصي تي قابض آهي، جڏهن ته سوڊاني فوج وٽ گادي جو هنڌ خرطوم، وچولي ۽ اوڀر وارا علائقا آهن.
گڏيل قومن جي امدادي معاملن واري انڊر سيڪريٽري جنرل ٽام فليچر سلامتي ڪائونسل ۾ صورتحال مطابق ڳالهائيندي چيو آهي ته” الفاشر شهر هن وقت اونداهي دوزخ ۾ ٻڏي ويو آهي، شهر تي حڪومت مخالف ريپڊ سپورٽ فورسز (آر ايس ايف) جو قبضو ٿيڻ کان پوءِ هزارين ماڻهو پيادل لڏي رهيا آهن، شهرين کي اجتماعي طور تي ماريو پيو وڃي، جڏهن ته بک به ماڻهن جون حياتيون کسي رهي آهي.عورتن ۽ ڇوڪرين سان جنسي زيادتين جو سلسلو جاري آهي، اسپتالن تي حملو ٿي رهيو آهي ۽ اهڙا جنگي ڏوهه ڪندڙ ٽولا بي خوف ۽ ڪنهن به قسم جي حساب ڪتاب کان آجا آهن.آر ايس ايف” جا جنگجو گهر گهر وڃي ڪارروائيون ڪري رهيا آهن. معتبر ذريعن موجب، شهر ۾ وڏي پيماني تي ڦاسيون ڏنيون ويون آهن ۽ سعودي زچگي اسپتال ۾ لڳ ڀڳ 500 مريض ۽ انهن جا ساٿي قتل ڪيا ويا آهن.
سوڊاني مسلح فوجون (ايس اي ايف) ۽ آر ايس ايف ٻنهي طرفان رياست نيل ابيض، ڏکڻ ڪورڊوفان، اولهندي دارفور ۽ خرطوم سميت نون علائقن ۾ ڊرون حملا ڪيا پيا وڃن. اهڙين حالتن ۾ اجتماعي ظلم، نسلي بنيادن تي تشدد ۽ بين الاقوامي انساني قانون جي ڀڃڪڙين سميت جنسي زيادتين جو خطرو انتهائي حد تائين وڌي ويو آهي. جئين ته ٻنهي ويڙهاڪ گروپن عالمي برداريءَ کي شهري آبادي کي تحفظ ڏيڻ جا واعدا ڪيا آهن، پر حقيقت اها آهي ته الفاشر شهر سميت سوڊان ۾ ڪو به شهري محفوظ ڪونه آهي. هن وقت سوڊان جي اندر ٻه ڪروڙ چاليهه لک کان وڌيڪ ماڻهو، يعني ملڪ جي 40 سيڪڙو آبادي کي خوراڪ جي شديد کوٽ جو الميو درپيش آهي۔ الفاشر مان لڏپلاڻ ڪندڙن جو وڏو حصو تقريباً 50 ڪلوميٽر پري تاويلا طرف وڃي رهيو آهي، جتي اڳ ۾ ئي هزارين متاثر ماڻهو پناهه وٺي چڪا آهن۔ اقوام متحده جون امدادي ٽيمون انهن ماڻهن تائين مدد پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيون آهن، پر اهي ڪوششون اٽي ۾ لوڻ برابر به مس آهن.الفاشر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ويهه سال اڳ دارفور جي حالتن جون ڏکوئيندڙ يادون تازي ڪري ٿو۔