سنڌ جو نئون نسل ڇا ٿو چاھي؟ ۽ ان جي حقيقي رھنمائي ڪير ٿو ڪري؟

تحرير: ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو

ان سوال جو جواب ڪيترن ئي رخن کان ڏئي سگهجي ٿو، ڇو⁠ ته نئون نسل هڪجهڙو نه آهي، شهرن، ڳوٺن، تعليمي ادارن، ۽ سماجي طبقن جي حساب سان فرق آهي. پر عام طور تي ڪجهه اهم مقصد، خواهشون ۽ رجحان ھڪ جھڙا ۽ واضع نظر اچن ٿا، مثلن پھريون سڃاڻپ ۽ فيصلن ۾ اختيار جو حق. اڪثر نوجوان ۽ شاگرد سنڌي ٻولي، ثقافت، شاعري ۽ تاريخ سان لاڳاپو برقرار رکڻ چاهين ٿا، پر ساڳي وقت جديد دنيا سان به ڳنڍيل رهڻ ٿا چاھين. انهن لاءِ ھاڻ "سنڌي هجڻ” ڪا گھٽ ڳالهه نه، پر هڪ افتخار ۽ انفراديت آهي. ٻيو ھو پنھنجي قومي وسيلن جي حفاظت چاھين ٿا ۽ ٽيون سڀ کان وڌيڪ ھو تعليم، پسند جي شادي ۽ روزگار جا موقعا چاھين ٿا. ھو چاهين ٿا ته سنڌ ۾ معياري تعليم ۽ روزگار جا حقيقي موقعا هجن، جيئن اھي بھتر ۽ خوشين سان ڀريل جديد زندگي گذاري سگھن. ھو چاهين ٿا ته، يونيورسٽيون جديد معيار مطابق هجن، ميرٽ تي نوڪريون ملن، ايمانداري ۽ مهارت تي ٻڌل نظام هجي، سفارش تي نه. ھاڻ انھن مٿين سڀني خواھشن ۽ مقصدن سان انھن کي فقط ھڪ ئي قومي اڳواڻ اياز لطيف پليجو ۽ سندس پارٽي قومي عوامي تحريڪ جوڙين ٿا. انڪري گذريل ٻن ٽن سالن کان سنڌ ۾ تنظيمي طرح سڀ کان وڌيڪ تيزي سان پکڙجندڙ ۽ مقبول ٿيندڙ پارٽي قومي عوامي تحريڪ آھي. اياز لطيف پليجو نه صرف نوجوانن کي قومي جدوجھد، جلسن ۽ ريلين سان جوڙي ٿو بلڪه، جدت، ٽيڪنالاجي، ۽ دنيا سان ڳانڍاپو ڏئي ٿو. هو سنڌي سڃاڻپ ۽ حقن لاءِ ھڪ نرالو آواز آهي.

قومي عوامي تحريڪ ۽ سندس برادر محاذ سنڌ جي وسيلن، پاڻي، وحدت، ميرٽ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ منظم صورت ۾ آواز اٿاري رهيا آھن. اُنهن نوجوانن لاءِ جيڪي ”منهنجي سنڌ، منهنجو حق“ جهڙي سوچ رکندڙ آهن، اياز لطيف پليجو انھن لاءِ  هڪ قابلِ اعتماد آواز بڻجي ويو آهي. اياز لطيف صاحب ھميشه مختلف ثقافتي ۽ لساني فرقن جي باوجود سنڌ ۾ برابري، تعليم ۽ ميرٽ جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن سان سنڌي نوجوانن سان گڏ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ نوجوانن کي به لڳي ٿو ته اسان جي ڳالهه ڪندڙ ڪو ته آهي. ميچوئر عمر ھئڻ باوجود پنھنجن روين، اتساھ، بيھڪ ۽ سرگرمي ۾ اياز لطيف صاحب خود هڪ نوجوان محسوس ٿيندڙ سياسي اڳواڻ آهي، جنھن جدت پسند انداز سان جلسن، ڌرڻن، ھڙتالن ۽ ريلين ۾ روح ڦوڪي ڇڏيو آھي. ھن اردو چينلز تي شاندار دليلن ۽ جديد ميڊيا جي استعمال سان ھڪ نئين مزاحمتي نوجوان سوچ کي ڳنڍيو آهي. رڳو گذريل ڇھن ستن مھنن دوران ھن سئو کان مٿي جلسا ۽ ريليون ڪڍيون آھن ۽ لکين ماڻھن کي سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ خطاب ڪيو آھي، سندس آواز سنڌ سان گڏ آمريڪا، يورپ ۽ گلف ۾ به گونجي ٿو.

جڏھن نوجوان ڏسن ٿا ته ڪو اڳواڻ صرف ليڊ نٿو ڪري، صرف تقرير نٿو ڪري، پر عملي حالت ۾ سنڌ جي ھر شھر ۽ ھر ضلعي ۾ جلسا ۽ ريليون ڪري، قومي مزاحمتي تحريڪ جي پاڻ وڃي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، ته ان کان متاثر ٿيڻ ۾ آسانی ٿيندي آهي. ھو ڏسن ٿا ته ڪينالن خلاف سڀ کان پھرين سڄي سنڌ کي رمضان جي مھني ۽ تپندڙ گرمي ۾ صرف اياز لطيف پليجي مزاحمتي ميدان ۾ لاٿو ته ھو مٿس فخر محسوس ڪن ٿا. انڪري سنڌ جي وڏين وڏين يونيورسٽيز ۾ ايس ايس ٽي جا نوان يونٽ پيا کلن، سنڌياڻي تحريڪ بنا پئسن، وسيلن ۽ بنا ڪروڙن جي خرچ ۽ بنا پيڊ گاڏين جي، سڄي سنڌ ۾ پکڙجي پئي ۽ فيسٽيولز ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ايوارڊز جي پروگرامن ۾ سياسي ليڊرز مان فقط اياز لطيف پليجي کي ئي گھرايو وڃي ٿو. ھو انساني حقن جو بيمثال وڪيل آھي ۽ عورتن، ٻارن، اقليتن، ھارين، مزدورن ۽ ڪمزور طبقن جي حقن لاءِ مسلسل آواز اُٿاريندو رھي ٿو. شاگردن، نياڻين ۽ نوجوانن لاءِ اھو اهم آهي ته سياسي اڳواڻ صرف اقتدار لاءِ نه، پر تبديلي ۽ خدمت لاءِ ڪم ڪري ۽ محترم اياز لطيف صاحب جو اھو اھم ترين پاسو  نوجوانن کي شديد متاثر ڪري ٿو. زراعت جي تباھي ھجي، نياڻين جو اغوا ھجي يا ڌارين جي آبادڪاري، انگن اکرن سان چٽو موقف فقط قومي عوامي تحريڪ ۽ اياز لطيف جو ئي ھجي ٿو. انڪري ئي صرف گذريل ٽن چئن مھنن ۾ قومي عوامي تحريڪ جا سئو کان وڌيڪ نوان يونٽ کليا آھن ۽ سورھن سالن کان ٽيھن سالن جي عمر جا ھزارين نوجوان پارٽي ۾ شام ٿين پيا. ھو جڏھين اياز لطيف پليجي جي روپ ۾ شاھ لطيف، شيخ اياز، استاد بخاري ۽ فيض ۽ فراز کي ٻڌن ٿا ۽ سندس واتان سنڌ جي عظيم تاريخ ڄاڻن ٿا ته انھن ۾ نئون روح ڦوڪجيو وڃي.

آئون سڄي سنڌ ۾ پارٽي دورن لاءِ ھلندو رھندو آھيان ۽ خود ھاڻ به دوري تي نڪتل آھيان، مون ھر ھنڌ ڏٺو آھي ته نوان ملندڙ شاگرد، ڇوڪريون ۽ نوجوان ۽ عام ماڻھو اڪثر موجوده سياسي، سماجي ۽ معاشي نظام کان مايوس هوندا آهن، ھڪ طرف ھو ليڊرن جي روپ ۾ ڏوھاري، قبضه گير ۽ ڀتاخور ڏسن ٿا، نوجوان مارائيندڙ ايجنسين جا ايجنٽ ڏسن ٿا، جرگن، ڌرڻن ۽ فيصلن ۾ دلالي ۽ خونن جا سودا ڪندڙ اڳواڻ ڏسن ٿا، روزگار جو فقدان، تعليم جا مسئلا، وسائل جي ناجائز ورڇ ڏسن ٿا ته سندن اندر ۾ ڊپريشن پيدا ٿئي ٿي. اھڙي صورتحال ۾ صرف اياز لطيف پليجو ئي سنڌ ۾ اميد جي روشني آھي، جيڪو جتي وڃي ٿو اتي ھزارين ماڻھو گڏ ٿيو وڃن، جيڪو ھر ڳوٺ ۽ شھر ۾ عوام ۽ نوجوانن جي زندگي ۽ موت جي مسئلن کي مک موضوع  بڻائي ٿو ۽ جدوجھد ۽ ڪاميابي جا نوان رستا ڳولي ڏئي ٿو، جنهن سان نوجوانن کي اميد ۽ اتساھ محسوس ٿئي ٿو. تنهن ڪري، سنڌ ۾ اجتماعي طور تي ھاڻ اياز لطيف پليجو هڪ مضبوط ٽرينڊ، بيمثال برانڊ ۽ جديد لينڊ مارڪ بڻجي ويو آهي ۽ قومي عوامي تحريڪ اميدن جي محور ۽ مرڪز بڻجي رھي آھي. اڄ صرف اياز لطيف ئي آھي جيڪو نوجوانن جي شڪايتن، اميدن ۽ سڃاڻپ سان جڙيل ھڪ يگانو قومي آواز آهي. هو صرف ڳالهيون نٿو ڪري، پر تحريڪون شروع ڪري ٿو، عملي جدوجهد ڪري ٿو، ۽ نوجوانن لاءِ آواز بڻجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.