ڪراچي (رپورٽر) ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (ڊي آءِ جي ٽريفڪ) ڪراچي پير محمد شاهه چيو آهي ته ٽريفڪ ڪنٽرول ڪئمرائن جي نگراني دوران ماڻهن جي نجِي سرگرمين بابت وائرل ٿيندڙ ٻن تصويرن تي جاچ جاري آهي، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پير محمد شاهه چيو ته ممڪن آهي ته اڄ انڪوائري رپورٽ سامهون اچي ويندي، جنهن مان خبر پوندي ته اهي تصويرون واقعي ٽريفڪ ڪنٽرول ڪئمرائن مان ورتل آهن يا ڪنهن پرائيويٽ ڪئمرا مان ورتل آهن، ڊي آءِ جي ٽريفڪ جو چوڻ هو ته اي چالان سسٽم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ دستي چالان جو عمل مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ پير محمد شاهه خبردار ڪيو ته نمبر پليٽ ۾ جعلسازي يا ڪئمرائن کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ کي وڏن مسئلن ۾ وجهي رهيا آهن، اهڙين گاڏين کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو ۽ جڏهن به اهڙي گاڏي پڪڙي ويندي تڏهن سڌي طرح ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.