ڪراچي ۾ ڊاڪٽر مهمير تنيو جي قتل خلاف احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) گلشن اقبال پوليس طرفان جڙتو پوليس مقابلي ۾ شهيد ٿيل ڊاڪٽر مهمير تنيو جي قتل خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو مقتول جي وڏي ڀاءُ ضمير حسين تنيو، ڀاءُ  انجنيئر تعمير حسين تنيو، مٽن مائٽن دوستن جي اڳواڻي ۾ هڪ احتجاجي مظاهرو ڪندي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ويو ته ڊاڪٽر مهمير تنيو جي قتل عدالتي تحقيقات ڪري ان ۾ آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڪراچي پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي شامل ڪري قاتلن جي نشاندهي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، سنڌ جو وڏو وزير ۽ گهرو وزير گلشن اقبال پوليس خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏين، مقتول جي وارثن جي نشاندهي تي گلشن اقبال ٿاڻي جي اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، هنن چيو ته اڄ قاتل پوليس اهلڪارن ۽ ايس ايڇ او گلشن اقبال ٿاڻو خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وسيلي فرياد داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪنداسين، گلشن اقبال کان وٺي هر ٿاڻي ڪابه رپورٽ نه ورتي ۽ ھڪٻئي ڏي موڪليندا رهيا، جيڪڏهن هنن کي انصاف نه مليو ته پوءِ هو ڪو ٻيو رستو به اختيار ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.