ڪراچي (رپورٽر) ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته اي چالان سسٽم جي شروعات کان پوءِ ٽريفڪ پوليس جا ڪيترائي اهلڪار پنهنجون بدليون ڪرائڻ ۾ لڳي ويا آهن، هن چيو ته يا ته ڪئمرائن جي تنصيب هجي يا چالان جو اختيار واپس وٺڻ، ٻنهي حالتن ۾ ڪيترائي اهلڪار ٽريفڪ پوليس مان نڪري ضلعي پوليس ۾ بدليون ڪرائن پيا، پير محمد شاهه چيو ته جي اهلڪار ڪم نٿا ڪن، اُهي پاڻ بدليون ڪرائين ٿا ۽ اسان کي به انهن کي روڪڻ ۾ ڪا دلچسپي ناهي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ٻڌايو ته چالان ڪندڙ 800 آفيسرن کي باقاعدي ريگيوليشن جو حصو بڻايو ويو آهي، اڳ ۾ ٽريفڪ پوليس جا آفيسر اوچتو چالان ڪري ماڻهن کي تنگ ڪندا هئا، هاڻي فورس ۾ صرف ايماندار ۽ فرض شناس اهلڪار ئي رهندا،اسان اهڙو ادارو ٺاهڻ چاهيون ٿا جنهن سان ماڻهو ٽريفڪ پوليس سان محبت ڪن، اهلڪارن لاءِ پک اينڊ ڊراپ، کاڌي ۽ شاباشي جي مد ۾ به سهولتون ڏيڻ جو پروگرام تيار ٿي رهيو آهي، پير محمد شاهه ٻڌايو ته ٽريفڪ پوليس فورس ۾ هاڻ نوجوانن کي اڳيان آندو پيو وڃي ته جيئن نئون رت اچي ۽ تبديلي ممڪن ٿي سگهي، ڪئمرائن تنصيب سان اهلڪارن تي به نظر رکي ويندي.