ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي اسپيشل ڊيوٽي مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت بارودي مواد جي برآمدگي واري ڪيس ۾ گرفتار نوجوانن سرمد علي ميراڻي ۽ غني امان چانڊيو کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سي ٽي ڊي عملدارن ٻنهي نوجوانن کي سخت سيڪيورٽي هيٺ بڪتر بند گاڏي ۾، چهرا ڍڪيل حالت ۾ عدالت آڏو پيش ڪيو، عدالت نوجوانن کي ضابطه فوجداري جي سيڪشن 63 تحت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پوليس جي هڪ ڏينهن واري راهداري ريمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، سي ٽي ڊي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته ٻنهي نوجوانن کي حساس ادارن جي مدد سان مڇر ڪالوني مان گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان ٻه هٿ بم ۽ بارودي مواد هٿ آيو، ٻڌڻي دوران ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر وڙائچ سميت ڪيترائي وڪيل اڳواڻ به عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته عدالتي حڪم باوجود غني امان ۽ سرمد ميراڻي کي آزاد نه ڪيو ويو ۽ عدالت مان سي ٽي ڊي اهلڪار ٻنهي کي ٻيهر کنڀي کڻي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي ٽي تلوار واري علائقي ۾ نوجوانن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي عدالت مان ٻيهر کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن، سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ شهرين طرفان ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته عدالتي حڪم کي هوا ۾ اڏايو ويو آهي، ٻنهي نوجوانن کي ٻيهر کنڀي گم ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا، عدالت نوجوانن مٿان سمورا ڪيس ختم ڪيا آهن، غني امان ۽ سرمد جي آزادي تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو،عدالت ۾ ڳالهائيندي غني امان جي ڀيڻ سنڌو امان دانهون ڪندي چيو ته سي ٽي ڊي عملدار عدالتي حڪم کي نه مڃيندي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهن، عدالت اسان جي ٻچڙن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻنهي کي آزاد ڪيو وڃي، عدالت کي پڻ نوٽيس وٺڻ گهرجي.