جهڏو(رپورٽ: وسيم يوسف راھمون) جھڏو ڀرسان پنگريو ٿاڻي جي ڳوٺ دلاور حسين کوسو مان ٽن گاڏين تي سوار هٿياربند 3 نوجوانن کي کنڀي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ ۾ ميڊيڪل ڪيمپ لڳل هئي ته 3 خانگي ڪارن ۾ سوار ماڻهو 20 سالن جي محمد حسن کوسو، 18 سالن جي زاهد حسين ۽ ويرو ريٻاري کي کنڀي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، هوڏانهن اطلاع ملڻ تي حد جي پنگريو پوليس پوسٽ جي حيات خاصخيلي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، پوليس موجب مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ٽن نوجوانن جي کنڀجڻ بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، کنڀجي ويل نوجوانن جي وارثن ۽ علائقي واسين انهن جي آزادي جو مطالبو ڪيو.