پاڪستان مان 8 لک 28 هزار کان وڌيڪ افغان پناهگير وطن واپس

اسلام آباد (بيورو) طورخم بارڊر ذريعي هڪ  ڏينهن ۾ 5 هزار 220 افغان پناهگير پنهنجي ملڪ واپس ويا، تفصيل موجب 401 قانوني ۽ 2 هزار 314 غير قانوني افغان شهري طورخم بارڊر ذريعي افغانستان موٽيا، هن وقت تائين مجموعي طور تي 8 لک 28 هزار کان وڌيڪ افغان شهري وطن واپس موٽي چڪا آهن، اسلام آباد مان 19، پنجاب مان 450 افغان شهري گذريل ڏينهن واپس موڪليا ويا، جڏهن ته ٻين صوبن مان 25 هزار 392 افغان پناهه گيرن جي واپسي ٿي چڪي آهي، خيبر پختونخوا جي ٽرانزٽ پوائنٽن تان گذريل ڏينهن 19 افغان شهري ڊيپورٽ ڪيا ويا، پشاور، لنڊي ڪوتل ۽ ڪوهاٽ جي جيلن مان 7 هزار 261 افغان شهري واپس موڪليا ويا، جڏهن ته 1 هزار 326 افغان شهري عارضي طور خيبر پختونخوا ۾ رهڻ بعد ڊيپورٽ ڪيا ويا، مجموعي طور تي 54 هزار قانوني ۽ 6 لک 28 هزار غير قانوني افغان پناهگير وطن موٽايا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.