مويا (رپورٽ: پير بخش باگراڻي)قومي عوامي تحريڪ پاران سارين جو اگهھ گھٽائڻ، منشيات، غير قانوني افغاني نيڪال نه ڪرڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، درياھ تي ڌاڙي ۽ سنڌ ٽوڙڻ جي سازشن خلاف اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ماتلي بدين روڊ تي انصاري شگر مل کان ريلي ڪڍي مويا ۾ ھزارين ماڻھن سان گڏ پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ ۾ قومي عوامي تحريڪ جو ترجمان اشرف پليجو، ھاشم ڪنڀر، حنيف باگراڻي، علي مردان رند، ايڊووڪيٽ آڪاش رند، رمضان رند ۽ ٻيا اڳواڻ شامل ھئا. مويا پھچڻ تي واپارين، آبادگارن، ھارين، شھرين گلن جي ورکا سان اياز لطيف پليجي جو استقبال ڪيو. پيادل مارچ مويا شھر پھچڻ کانپوءِ جلسي عام ۾ تبديلي ٿي ويوان موقعي تي اياز لطيف خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته 27 ھين آئيني ترميم کي سنڌ سميت ملڪ تي حملو سمجھون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ 27 ھين ترميم جو سودو ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي 26هين ترميم پاس ڪرائي، هاڻي 27هين ترميم به پاس ڪرائن پيا. 18هين ترميم ختم ڪري صوبن کان اختيار ۽ وسيلا کيسا پيا وڃن. پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت کي سنڌ جو ورھاڱو ڪرڻ ڪونه ڏينداسين. سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، 27هين آئيني ترميم جي ذريعي سنڌ جي وحدت تي ڪو به حملو برداشت نه ڪنداسين. پيپلزپارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ چاهي ٿي،هن چيو ته بي روزگاري، مھانگائي، منشيات، بدامني ۽ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل سنڌ کي پرامن جدوجهد ذريعي نجات ڏيارينداسين. وڏيرن، پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کي اجازت نه ڏني ويندي ته اھي سنڌ کي کپائين. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي زرعي دشمن پاليسي جي ڪري ھر سال سارين جو ھٿرادو اگهھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو. اڃان تائين ڪمند جو سرڪاري اگھ مقرر نه ڪيو ويو آهي، نه ئي شگر ملون چالو ڪرڻ جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي زراعت کي مڪمل تباھ ڪري ڇڏيو آهي. وقت سر شگر ملون نه ھلڻ ڪري ڪڻڪ جي پوکي نه ٿي سگھندي، جنهن جي نتيجي ملڪ ۾ اٽي جو وڏو بحران پيدا ٿيندو. سارين جو 4 ھزار روپيا مڻ، ڪمند 600 روپيا في مڻ، ڪڻڪ 4500 روپيا في مڻ سرڪاري اگهھ مقرر ڪري ڪري سرڪاري خريداري مرڪز قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي،هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڊينگي بخار وگهي 100 کان مٿي ماڻهو مري چڪا آهن سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون سھولتون ناھن. اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي، دوائون ناھن، جنھنڪري غريب ماڻھو بازار مان دوائون خريد نٿا ڪري سگھن. هن چيو ته بلدياتي ادارن کي جيڪي پئسا مليا اھي ڪرپشن جي نظر ٿي ويا. ھيٺين سطح تائين انصاف ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ وارو خواب خواب ئي رھجي ويو. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪرپٽ حڪمرانو ھي ڏسو ھي سوين عورتن سميت ھزارين ماڻھو نه مھينن جي رٿابندي ۽ ڪروڙن جي خرچ سان بسن ۽ وينن ۾ ڀري آندل آھن، نه ڪنھن الائونس، پگھار، نوڪري، اقتدار، بدلي، برياني يا انڪم سپورٽ جي قسط جي آسري آيل آھن. ھي فقط پنھنجي جيجل ماءُ، پنھنجي ڌرتي سنڌ جي خاطر، پنھنجي ھن ڀاءُ اياز لطيف پليجو کي ٻڌڻ، ان سان ملڻ ۽ وطن ۽ وسيلن لاءِ ھڪ مزاحمتي ديوار ۽ ھڪ پرجوش للڪار بڻجڻ آيا آھن،هن چيو ته سنڌ ۾ زراعت، صنعت، تعليم ۽ گورننس تباھ ٿي چڪا آهن. ڏوهارين جا مددگار سردار ۽ سردارن جي مددگار سنڌ حڪومت آهي. صوبائي حڪومت سنڌ کي کنڊرات بڻائي ڇڏيو آهي،هن چيو ته سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن جي حفاظت هر قيمت تي سنڌ جو عوام ڪندو، حڪمرانن لاءِ هاڻي عوام، روزگار، زراعت ۽ پاڻي اهميت نٿا رکن. سنڌ کي لينڊ مافياز ۽ قبضاگيرن جي حوالي ڪيو ويو آهي. ھاشم ڪنڀر خطاب ڪندي چيو ته سارين جو اگھ گھٽائي معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. مويا سميت سڄو ضلعو منشيات جو اڏو بڻجي ويو آھي. اشرف پليجي خطاب ڪندي چيو ته 27هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جو ورهاڱي سنڌ جو عوام قبول نه ڪندو ۽ سخت مزاحمت ڪندو 26هين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي 27 هين آئيني ترميم جون تياريون ٿي رهيون آهن،