مختلف شهرن ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 210 رپين تائين پهچي وئي

اسلام آباد (بيورو) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ سرڪار جي مقرر ڪيل قيمت تي دستياب نه ٿي سگهي، جڏهن⁠ته اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ 210 رپين في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي، رپورٽ موجب، لاهور ۾ کنڊ 190 کان 210 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته پشاور ۾ به في ڪلو قيمت 210 رپيا تائين پهچي وئي، ڪوئيٽه ۾ پرچون جي دڪانن تي کنڊ 185 ۽ هول سيل مارڪيٽ ۾ 180 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، راولپنڊي ۾ سرڪار جي مقرر قيمت 179 رپيا في ڪلو آهي، پر دڪانن تي کنڊ 181 کان 185 رپيا في ڪلو ۾ ملي رهي آهي، کنڊ سرڪاري ريٽ تي نه ملڻ سبب صورتحال ڳنڀير بڻجي وئي آهي، صدر ڪريانا ايسوسيئيشن سليم پرويز بٽ جو چوڻ آهي ته پرچون تي 185 رپين تي کنڊ  مشڪل سان وڪرو ڪندا آهيون، جڏهن ته  پيرا فورس سرڪاري قيمت کان وڌيڪ ريٽ تي ڏنڊ لڳائي رهي آهي، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن کنڊ ضرورت موجب فراهم نه ڪئي وئي ته وڪرو بند ڪري ڇڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.