کنڀيل نوجوانن کي فوري آزاد ڪيو وڃي: زين شاهه

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان ورڪر ڪنويشن ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ، روشن ٻرڙو سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي ،سيد زين شاهه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسين عوامي رابطا مھم لاءِ نڪتل  آھيون سنڌ ۾ جيڪي به حڪومت کان ڌار سياسي ڌريون آهن انھن کي اسين دعوت ٿا ڏيون ته اچو اسان سان گڏ ٿي جدوجهد ڪيون ھن ملڪ اندر وڏي دھشت گردي آهي ھن ملڪ جي معيشت پوئتي پئي وئي آهي، ھتي غربت وڌي وئي آهي بدامني راڄ برقرار آهي ملڪ اندر مھانگائي غريب عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، سنڌ اندر بدعنواني آهي، ڪيرائي نوجوان بيروزگاري سبب خدڪشيون پيا ڪن روزگار نه پيو ڏنو وڃي، ماڻهوَ پريشان ٿي ويا آهن، سنڌ جا ھاري آبادگار سارين جو گھٽ اگھه ملڻ ڪري مايوس ٿي ويا آهن، ھتي معافيا راڄ آهي اسان حيدرآباد ۾ وڏو ڪنويشن ڪري رھيا آھيون سنڌ جي وسيلن جي مالڪي لاءِ اسين چئون ٿا اچو اسان جو ساٿ ڏيو جيڪي نوجوان کنڀجي ويا آهن انھن کي فوري آزاد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.