ملتان (م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئين ۾ لکيل آهي ته اسلام پاڪستان جو مملڪتي مذهب هوندو. ملتان ۾ تحفظ مدارس دينيا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مدرسن خلاف ناڪاري پروپيگينڊا ڪئي پئي وڃي، ايجنڊا ذريعي نوجوان نسل کي ڀڙڪايو پئي ويو. ٻاهريان ايجنٽ پريشان آهن ته نوجوان نسل کي مڇرجڻ کان ڪيئن بچايو؟ اسان نوجوان نسل کي بچائي ورتو، ان جي ڪري ٻاهرين ايجنڊِا اسان خلاف ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن اسان کي فرقن ۾ وڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي، افغانستان کي تباهه ڪيو ويو، چون ٿا ته امن لاءِ آيا آهيون. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان کي ڌمڪي ڏين ٿا ته فورٿ شيڊيول ۾ وجهي ڇڏيندا، کڏ ۾ پوي فورٿ شيڊيول، مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ قانون ٺهي چڪو آهي. هن چيو ته اسان کي قومي دائري ۾ اچڻ جو چيو وڃي ٿو، چون ٿا ته اسان ته عالمن کي 25 هزار رپيا ڏيڻ چاهيون ٿا. ڪهڙي مد ۾ ملا جي ضمير کي خريد ڪرڻ چاهيو ٿا؟