لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڊينگي جا 6 ڪيس ظاهر، شهري پريشان

لاڙڪاڻو (رپورٽ : علي ساجد تنيو) لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڊينگي وائرس جا 6 تازه ڪيس سامهون اچڻ بعد ضلعي واسين ۾ شديد پريشاني پيدا ٿي وئي آهي، ذريعن موجب ضلعي انتظاميا شهر اندر مڇر مار اسپري مهم عملي طور تي شروع نه ٿي سگهي، جنهن سبب بيماري وڌيڪ پکڙجڻ جو خطرو وڌي ويو، اطلاعن موجب، ضلعي انتظاميا پاران اسپري مهم لاءِ مختص  ٿيل فنڊز ۽ ڊيزل جي فراهمي ۾ وڌندڙ بي ضابطگين ۽ مبينا ڪرپشن جا انڪشاف ٿي رهيا آهن، جتي ڪيترن ئي علائقن ۾ نه ته اسپري گاڏيون لهيون، نه ئي هٿ اسپري ٽيمون موڪليون ويون آهن، جڏهن ته شهر جي گهڻن محلن، گهٽين ۽ گلي ڪُچن ۾ عوام پاڻ مڇرن جي يلغار خلاف تڪليف ۾ مبتلا آهي،  شهرين جو چوڻ آهي ته مون سون برساتن کان پوءِ شهر جي نالين ۽ بند نيڪال نظام سبب گندو پاڻي بيٺل آهي، جنهن مان مڇرن جي پيداوار وڌي رهي آهي، پر ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتو مڪمل طور غيرفعال نظر اچي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.