ڪراچي (رپورٽر) آءِ بي اي سکر يونيورسٽي پاران ورتل ايم ڊي ڪيٽ 2025 جي امتحان ۾ ڪراچي جا شاگرد سڄي سنڌ تي بازي وٺي ويا، پهريون ٽئي پوزيشنون ڪراچي جي نالي ٿيون، جڏهن ته ٽاپ ٽين ۾ شامل 124 شاگردن مان 41 جو واسطو ڪراچي سان آهي، ايم ڊي ڪيٽ جي شروعاتي نتيجن موجب سنڌ جي مختلف تعليمي بورڊن مان اي ون ۽ اي گريڊ حاصل ڪندڙ 56 سيڪڙو شاگرد ايم بي بي ايس جي ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿيا، جڏهن ته بي ڊي ايس جي ٽيسٽ ۾ 48 سيڪڙو اميدوار ڪامياب نه ٿي سگهيا، نتيجن موجب ايم بي بي ايس لاءِ 14 هزار 300 اميدوارن 55 سيڪڙو (99 نمبر) يا ان کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي، بي ڊي ايس لاءِ 17 هزار 123 اميدوارن 50 سيڪڙو (90 نمبر) يا ان کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪيا، ايم ڊي ڪيٽ ۾ ڪراچي ضلعي اولهه جي سيد محمود خان سڀ کان وڌيڪ 175 نمبر حاصل ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، ڪراچي ڪورنگي جا فيصل اشرف خان ولد نويد اشرف خان ۽ قمبر شهدادڪوٽ جا شيراز حسين ولد نياز حسين مغيري 174 نمبر سان ٻئي نمبر تي رهيا، جڏهن ته ڪراچي اوڀر جي محمد ريان همايون ولد همايون فاروق، ڪورنگي جي ماهور شاهنواز بنت سيد شاهنواز حسين ۽ حيدرآباد جي حرا عابد بنت عابد علي سيهتو 173 نمبر سان ٽئين نمبر تي رهيا، آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر آصف شيخ موجب، ايم ڊي ڪيٽ 2025 جا عارضي نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اميدوارن کي هڪم نومبر شام 5 وڳي تائين شڪايتون داخل ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو ويو آهي.