آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ رولڙي جو شڪار

اسلام آباد/مظفرآباد(م ڊ) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انور الحق خلاف بي اعتمادي رٿ رولڙي جو شڪار ٿي وئي آهي. ذرائع  موجب، چوڌري انوار الحق خلاف ڪالهه به بي اعتمادي رٿ پيش نه ٿي سگهي، پيپلز پارٽي بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ بابت اڃا تائين ڪو فيصلو نه ڪري سگهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فارورڊ بلاڪ مان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ميمبربه پريشان آهن، فارورڊ بلاڪ جا ڪجهه ميمبر پيپلز پارٽي ۾ شموليت کي جلد بازي جو فيصلو قرار ڏنو آهي. ذريعن مطابق پيپلز پارٽي جا ميمبر قيادت کان سوال ڪري رهيا آهن ته هو پنهنجي تڪن ۾ ڪيئن وڃن؟ ڪارڪنن کي ڇا جواب ڏين؟ ووٽرن کان سوال ٿيندو ته فيصلو ڇا ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جا ميمبر ڪشمير هائوس ۾ ديرا هڻي چڪا آهن، بلاول ڀٽو زرداري ئي بي اعتمادي تحريڪ پيش ڪرڻ بابت حتمي فيصلو ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.