ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بڌنچ جي سربراهه جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي اميدواري خلاف داخل درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،عدالت درخواست کي ٻڌڻي جوڳي قرارنه ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، درخواست ايڊووڪيٽ اشفاق پنهور داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ضياءُ الحسن لنجار صوبائي وزير هجڻ باوجود سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن، وفاقي، صوبائي وزيرن ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته اها درخواست ٻڌڻي جي قابل ناهي، عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سرويچ جي آزادي بابت اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت تي ٻڌل ٻه رڪي بئنچ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ درخواستن جي ٻڌڻي ٿي ، پوليس شهرين جي بازيابي بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شاهه لطيف مان گم ٿيل شهري مختيار احمد گهر واپس اچي ويو آهي، سائيٽ ايريا مان رسول خان، بلوچ ڪالوني مان محمد خان، سروچ سرگاني، شاهه لطيف مان صاحبزاده خان ۽ گارڊن مان گم ٿيل عامر خان، شاهزيب خان جي ڳولا جاري آهي،عدالت گم ٿيل شهري سرويچ جي بازيابي بابت اڳڀرائي رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.درخواست گذار جي وڪيل چيو ته پوليس گذريل ڪيترين ئي ٻڌڻين ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري رهي آهي، عدالت گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.