پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو)وفاقي سرڪار پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو،فنانس ڊويزن پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو اهي ته پيٽرول جي قيمت 2 رپيا 43 پئسا في ليٽر واڌ کانپوءِ 265 رپيا 45 پئسا ڪئي وئي،اهڙي طرح ڊيزل جي قيمت 3 رپيا 2 پئسا في ليٽر ليٽر وڌائي وئي اهي جنهن کانپوءِ في ليٽر ڊيزل 278 رپيا 44 پئسن ۾ دستياب هوندو،پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ اضافو رات 12 وڳي کان ٿي ويو،جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ معمولي واڌ ٿي آهي، واضح رهي ته حڪومت پيٽروليم ليوي ۽ ڪلائميٽ سپورٽ ليوي(سي ايس ايل) تحت ڊيزل 79.50 رپيا ۽ هاءِ آڪٽين تي 80.52 رپيا في ليٽر چارج ڪري رهي اهي جنهن ۾ اڍائي رپيا في ليٽر سي ايس ايل به شامل آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.