ميرپور خاص (عوامي آواز رپورٽ) ميرپور خاص جي ڳوٺ هوت خان لغاري جي رهواسڻ فوزيا پنهنجي همت ۽ محنت سان تاريخ رقم ڪري ڇڏي. پيدائشي طور هلڻ کان معذور فوزيا، هڪ وقت ۾ ماڻهن جي مذاق جو نشانو بڻجندي هئي پر اڄ پنهنجي ڳوٺ جي پهرين عورت سولر ٽيڪنيشن بڻجي ٻين لاءِ مثال بڻجي وئي آهي. فوزيا ٻڌايو ته هن کي سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام (CSSP) پاران 2024ع ۾ سولر پينل ٽيڪنيشن جي ٽريننگ ڏني وئي، جنهن کان اڳ هن وٽ ڪو به روزگار جو ذريعو نه هو. سندس مڙس، ڀائر ۽ ماءُ هن قدم جي مخالفت ڪئي هئي ۽ چيو هو ته هي مردن جو ڪم آهي، پر فوزيا حوصلي سان ٽن مهينن جي تربيت مڪمل ڪئي. ٽريننگ مڪمل ٿيڻ بعد فوزيا پنهنجي ڳوٺ ۾ سولر پينل لڳائڻ ۽ مرمت جو ڪم شروع ڪيو. هاڻي هوءَ بلب، پکن ۽ بيٽرين جا سولر سسٽم لڳائي ٿي ۽ ماڻهن کان باقاعده آرڊر به وٺي ٿي. فوزيا جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو اڳ چوندا هئا ته هي ڇوڪري ڇا ڪندي؟، اڄ اهي ئي چون ٿا ته اسان جو پکو نه ٿو هلي، ان کي ڏسي ڏي. هوءَ هاڻي 70 هزار رپين تائين جا ٺيڪا وٺي ٿي ۽ سندس گهر جو خرچ سٺي نموني هلي رهيو آهي. فوزيا فخر سان چوي ٿي ته اڄ مون اها عزت ڪمائي آهي، جو جيڪي ماڻهو ڪڏهن مذاق اڏائيندا هئا، اهي ئي هاڻي مدد لاءِ منهن ڏانهن ڏسن ٿا.