نوشهروفيروز :ايم ظفر تڳر) نوشهروفيروز جي بينظير ڪالوني ۾ فصل جي ڀيل تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ، لٺين ۽ ڪھاڙين جو پڻ آزادانا استعمال ڪيو ويو، هڪ ڄڻو قتل ۽ 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، هڪ ڄڻي جي قتل جي اطلاع تي ڊي ايس پي سردار چانڊيو ۽ ايس ايڇ او ترت پوليس سان گڏ پھچي ڌرين کي وڌيڪ قتل ٿيڻ کان بچايو، شھر ۾ خوف پکڙجي ويو، سوين ماڻھو جھيڙي واري جڳھه تي پھچي ويا پوليس ٻنھي ڌرين جي ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي وئي، قتل ٿيل نوجوان جي 30 سالن جي مظهر علي سولنگي طور سڃاڻپ ٿي، زخمين ۾ ظهير حسين، جميل علي، غلام عباس، برڪت علي سولنگي، عجب، گلڻ محبت، حسين ۽ ٻيا شامل آهن، قتل ٿيل ۽ زخمين کي طبي امداد ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو، واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، پوليس گھرن اڳيان پنھنجون گاڏيون بيھاري ڌرين کي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو آهي.