امن چاهيون ٿا، افغان سرزمين تان دهشت گردي برداشت نه ڪنداسين:فيلڊ مارشل

پشاور/راولپنڊي (م ڊ) فيلڊ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي افغان سرزمين تان دهشت گردي برداشت نه ڪندو، پاڪستان افغانستان سميت سڀني پاڙيسرين سان امن چاهي ٿو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير پشاور جو دورو ڪيو ۽ قبائلي اڳواڻن جي جرڳي سان ملاقات ڪئي. دوري دوران فيلڊ  مارشل عاصم منير کي پاڪ، افغان سرحد تي امن امان برقرار رکڻ لاءِ جاري دهشت گردي ٽوڙ ڪاررواين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ پشاور ڪور هيڊڪوارٽرز ۾ فيلڊ مارشل کي خطي جي موجوده سڪيورٽي صورتحال ۽ آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. فيلڊ مارشل عاصم منير جرڳي کي خطاب ڪندي قبائلي عوام جي حمايت جي ساراهه ڪئي ۽ پاڪ افغان ڇڪتاڻ دوران سڪيورٽي فورسز سان سهڪار تي قبائلي عوام کي ڀيٽا پيش ڪئي. آرمي چيف دهشت گردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخوا جي بهادر عوام جي قربانين ۽ عزم جي ساراهه ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي افغان سرزمين تان دهشت گردي برداشت نه ڪندو، پاڪستان پنهنجي سڀني پاڙيسرين، خاص طور تي افغانستان سان امن چاهي ٿو. فيلڊ مارشل چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان افغانستان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ سفارتي ۽ معاشي قدم کنيا. افغان طالبان حڪومت ڀارتي سرپرستي يافتا دهشت گرد گروهن خلاف ڪارروائي بدران انهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي. هن چيو ته پاڪستان، خاص طور تي خيبرپختونخوا کي دهشت گردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کان مڪمل طور تي پاڪ ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب، قبائلي اڳواڻن آرمي چيف جي واضح موقف جي ساراهه ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته خيبرپختونخوا جو عوام امن لاءِ پاڪ فوج سان گڏ آهي، خارجي فتني جي گمراهه ڪندڙ سوچ کي قبيلن ۾ ڪا موٽ نه ملندي. آءِ ايس پي آر موجب، قبائلي اڳواڻن دهشت گردي خلاف پاڪ فوج جي مڪمل حمايت جو عزم ورجايو ۽ افغان طالبان خلاف به واضح موقف اختيار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.