ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)ڪراچي ۾ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) اينٽي ڪرپشن سرڪل اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر شبرزيدي خلاف اختيارات جي ناجائز استعمال جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي۔تفصيل موجب شبرزيدي تي الزام آهي ته چيئرمين ايف بي آر جي حيثيت ۾ هن 16 ارب رپيا غير مجاز طور تي جاري ڪيا۔ ايف آءِ اي جي ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته اهي 16 ارب رپيا بئنڪن ۽ مختلف ڪمپنين کي جاري ڪيا ويا، ۽ جيڪي ڪمپنيون رقم حاصل ڪرڻ واريون هيون، اهي شبرزيدي جون ڪلائنٽس هيون۔شبرزيدي 10 مئي 2019 کان 6 جنوري 2020 تائين چيئرمين ايف بي آر رهيو۔ مقدمي جي متن ۾ الزام آهي ته شبرزيدي ٻين سرڪاري عملدارن سان گڏجي پنهنجي عهدو اختيارن جو غلط استعمال ڪيو۔
 
			