روھڙي/ پنوعاقل (رپورٽ: زين ڪٽپر/ ارشاد رستم انڍڙ)روھڙي جي علائقي دُبر ٿاڻي جي حد ڳوٺ اعتبار جاگيراڻي ٻيهر خوفناڪ خوني تڪرار جي لپيٽ ۾ اچي ويو جتي جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ره نديم جاگيراڻي ۽ شير محمد جاگيراڻي سميت ڪيترائي ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا، صبح جي وقت هڪ ڌر مبينا طور مخالف ڌر جي گهرن تي حملو ڪيو، جنهن بعد ٻنهي پاسن کان جديد هٿيارن سان اندهاڌند فائرنگ شروع ٿي وئي فائرنگ دوران اعجاز جاگيراڻي موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته امام بخش جاگيراڻي کي زخمي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، اکين ڏٺن شاهدن موجب اعجاز جاگيراڻي جو لاش ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ تي پيل رهيو جڏهن ته فائرنگ جي شدت سبب پوليس موقعي تي نه پهچي سگهي ٻنهي ڌرين مورچابند ٿي جديد هٿيارن سان هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري رهيون آهن جنهن سبب ڳوٺ ۽ ڀرپاسي علائقا جنگ جو جو منظر پيش ڪري رهيا آهن ذريعن موجب هي تڪرار تقريبن 14 مهينا اڳ مينهن جي چوري جي معاملي تان شروع ٿيو هو جيڪو وقت سان گڏ انتقامي ڪاررواين ۽ خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو انهيءَ دوران ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ وقفي وقفي سان ٿيندڙ فائرنگ ۽ حملن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 19 ڄڻا مارجي چڪا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، پوليس ذريعن موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ عابد خان سندراڻي وٽ فيصلو به ٿيو هو پر ڌرين اهو فيصلو قبول نه ڪيو ۽ دشمني کي وڌيڪ وڌايو، گذريل 14 مهينن کان علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ برقرار آهي ، لڳاتار ٿيندڙ فائرنگ ۽ خراب حالتن سبب ٻين برادرين جا ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي ٻيا شهر هجرت ڪري ويا.