پشاور(م ڊ) شبلي فراز واري خالي سينيٽ سيٽ تي چونڊ اڄ ٿيندي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اعلان ڪيو آهي ته شبلي فراز جي نااهلي بعد خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ اڄ (خميس) خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ ٿيندي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جي طرفان خرم شهزاد اميدوار نامزد آهي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو نثار خان ۽ ٽي آزاد اميدوار به مقابلي ۾ شامل آهنٻئي پاسيسپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ شبلي فراز جي خالي ٿيل سينيٽ سيٽ تي چونڊون ملتوي ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي آهي۔عدالت، شبلي فراز جي اپيل تي پشاور هاءِ ڪورٽ جو اڳيون فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ عدالتِ عاليه کي هدايت ڪئي آهي ته شبلي فراز جي زيرِ التوا درخواست تي فيصلو جاري ڪري۔ان سان گڏ سپريم ڪورٽ واضح ڪيو ته سينيٽ جي خالي نشست تي چونڊون روڪڻ جو ڪو جواز پيش نه ڪيو ويو، تنهنڪري چونڊ عمل جاري رهندو۔