ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جاب پورٽل جي شروعات اهم آهي، سنڌ ۾ هاڻي ميرٽ تي اهل ماڻهن کي نوڪريون ملنديون، گريڊ 5 کان 15 تائين نوڪريون سنڌ جاب پورٽل تان شفاف طريقي سان ڏنيون وينديون. وڏي وزير سنڌ جاب پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن نظام ۾ بدعنواني جو موقعو گهٽ آهي، ان کي به ختم ڪيو ويندو، هن پورٽل جو افتتاح عوامي خدمت جي فراهمي ۾ اهم اڳڀرائي آهي، منصوبو ڊجيٽل تبديلي، شفافيت ۽ عوامي بااختياري جو مظهر آهي. هن چيو ته اسان اهڙا نتيجا ڏئي رهيا آهيون جيڪي عوام جي زندگين ۾ هاڪاري تبديلي آڻيندا، اسان اهڙي سنڌ ٺاهي رهيا آهيون جتي ٽيڪنالاجي عوام جو حق هجي، اسان جو مقصد رسائي جوڳو ۽ بااختيار نظام ٺاهڻ آهي. سندس چوڻ هو ته سڀ ٽيسٽون سيبا وٺندي جيڪا سڀني ملازمتن لاءِ ڪافي هوندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هي نظام شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي نعري بينظير آئي آهي، روزگار کڻي آئي آهي جي روح مطابق آهي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته 3 لک 26 هزار اميدوار امتحان پاس ڪري چڪا آهن ۽ هاڻ هر مهيني امتحان ٿيندو، جڏهن ته نتيجا فوري جاري ڪيا ويندا. هن چيو ته سڀ نوڪريون، امتحان، تصديق ۽ مقرريون آن لائن ٿينديون، جنهن سان سڄو عمل هڪ مهيني ۾ مڪمل ٿي ويندو. پورٹل ۾ مصنوعي ذهانت، ٽن ٻولين ۾ سرچ، ۽ آن لائين تصديق جهڙيون سهولتون شامل آهن. سنڌ جاب پورٹل سان سنڌ پهريون صوبو بڻجي ويو آهي جيڪو مڪمل ڊجيٽل ۽ ميرٽ تي ٻڌل ڀرتي وارو نظام لاڳو ڪري چڪو آهي. ان کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جاب پورٽل ڪلڪ ڪري لانچ ڪيو. تقريب ۾ وڏي وزير کانسواءِ سيد قائم علي شاهه، نثار کهڙي، اويس قادر شاهه سميت ٻين شرڪت ڪئي.