اسلام آباد/ راولپنڊي (م ڊ) وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سھيل آفريدي جي تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان اڊياله جيل ۾ ملاقات ڪرڻ جي ٻي ڪوشش به ناڪام ٿي وئي، سھيل آفريدي صوبي جي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ڪارڪنن سان گڏ داھگل ناڪي تي پهتو، جتي پوليس کين روڪي ڇڏيو ۽ اڊياله جيل وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي، ان کان پوءِ وزيراعليٰ داھگل ناڪي تان واپس موٽي ويو، ان دوران عمران خان جون ڀينرن عليمه خان ۽ نورين خانم کي به فيڪٽري ناڪي کان اڳتي وڃڻ جي اجازت نه ملي، عمران خان جي سئوٽ قاسم خان به جيل جي ويجهو پهچڻ تي واپس موٽايو ويو، پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عظميٰ خان کي ملاقات جي اجازت ڏني وئي، ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته ڪور ڪمانڊر پشاور مون کي مبارڪ ڏيڻ آيو هو، اسان جي وچ ۾ ڪا به آفيشل ڳالهه نه ٿي آهي، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته ڪور ڪمانڊر پشاور وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ آيو هو، جيڪو مون کي وزيراعليٰ بڻجڻ تي مبارڪ ڏيڻ آيو هو، آئون پوري صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو آھيان، منھنجي آفيس ۾ سڀ اچي سگھن ٿا، ڪور ڪمانڊر به اچي سگھي ٿو، ڇو ته مان آندو ناهيان ويو پر عوام جي طاقت سان آيو آھيان، جڏهن ته عمران خان سان ملاقات ڪرڻ نه ڏيڻ تي هن چيو ته اسين توهينِ عدالت جي پٽيشن ڏئي رهيا آهيون، ڇو ته ٽن ججن جي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، اسان جي اڳواڻ جي ڪيسن تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي نه پئي ٿئي، اسين سپريم ڪورٽ کي چئون ٿا ته اسان جا وڪيل اوهان سان گڏ بيٺل آهن، آئين جي بالادستي قائم ڪريو، ملڪ ۾ انصاف نه پيو ملي، ڪنهن جي اشارن تي فيصلا ٿي رهيا آهن، اسين سمجهون ٿا جنهن ڏينهن انصاف ٿيندو، عمران خان جيل مان ٻاهر ايندو.