توهين رسالت جي الزام ۾ موت جي سزا مليل عورت باعزت بري

لاهور  (بيورو) پاڪستان ۾ مقامي عدالت توهينِ رسالت ۽ توهين مذهب جي الزام ۾ موت ۽ قيد جي سزا مليل عورت کيباعزت بري ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. انيقا عتيق کي جنوري 2022 ۾ راولپنڊي ۾ ايف آءِ اي جي خاص عدالت توهين تي ٻڌل پيغام موڪلڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي، ان خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي. جسٽس صداقت علي خان ۽ جسٽس چوڌري وحيد تي ٻڌل بينچ فيصلي ۾ چيو ته استغاثا جوابدار عورت خلاف ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. انيقا عتيق جي وڪيل سيف الملوڪ ايڊووڪيٽ چيو ته جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو هو اهو ڪوڙ تي ٻڌل هو. ياد رهي ته انيقا عتيق پهرين مسلمان ۽ مجموعي طور تي ٽئين عورت هئي جنهن کي اهڙي ڪيس ۾ موت جي سزا آئي هئي، ٻين عورتن ۾ آسيا بي بي ۽ شگفتا بي بي شامل هيون ٻئي مسيحي برادري جون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.