لاهور/استنبول (عمران شفقت) استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو ٽيون دور 18 ڪلاڪن کان پوءِ ناڪام ٿي ويو. ذريعن موجب افغان طالبان نئون شرط رکيو آهي ته بگرام ايئر بيس بابت ڪنهن به دٻاءُ کي قبول نه ڪيو ويندو. رپورٽ موجب ته ڀارت بگرام ايئر بيس ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، جنهن جو مقصد چين ۽ پاڪستان تي هڪ ئي وقت دٻاءُ وڌائڻ آهي. طالبان ڀارت جي پروڪسي طور ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان ان صورتحال کي خطي جي سيڪيورٽي لاءِ خطرناڪ قرار ڏئي ٿو. ٻئي پاسي ڀارت جو بگرام ايئربيس تي اچن ممڪن نظر نٿو اچي، اهو طالبان ۽ ڀارت، ٻنهي لاءِ ڏکيو آهي.