اين سي سي آءِ اي عملدارن پاران ڊڪي ڀائي جي ڪٽنب کان 10 ڪروڙ رپيا رشوت اوڳاڙي

لاهور/اسلام آباد (م ڊ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر چوڌري سرفراز ۽ لاهور ۾ ٻين آفيسرن خلافداخل ڪيس جا تفصيل سامهون آيا. اهو ڪيس مشهور يوٽيوبر سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي جي زال عروب جتوئي جي شڪايت تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ رشوت جا الزام شامل آهن. ايف آءِ آر موجب، آفيسرن ڊڪي ڀائي جي خاندان کان ڪل 100 ملين رپين کان وڌيڪ رشوت وصول ڪئي. ايف آءِ آر ۾ آفيسرن تي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ مان 326,420 ڊالر ڪڍڻ جو به الزام آهي. ايف آءِ آر موجب، يوٽيوبر کي رليف ڏيڻ جي بدلي ۾، جاچ آفيسر شعيب رياض تي الزام آهي ته هن جي فرنٽ مين ذريعي پهريان 6 ملين رپيا وصول ڪيا، جيڪي ڊڪي ڀائي جي ويجهي دوست عثمان ادا ڪيا. بعد ۾، شعيب رياض ڊڪي ڀائي جي عدالتي رمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت ۾ وڌيڪ 3 ملين رپيا وصول ڪيا. ايف آءِ آر ۾ اهو به ظاهر ڪيو ويو ته شعيب رياض پنهنجي فرنٽ مين ذريعي ڪار شو روم جي مالڪ وٽ 5 ملين رپيا جمع ڪرايا، جڏهن ته هن 2 ملين رپيا پاڻ وٽ رکيا. ان رقم مان 5 ملين رپيا ايڊيشنل ڊائريڪٽر چوڌري سرفراز کي ڏنا ويا. ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو ۽ رشوت وٺي قانوني عمل کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 8 آفيسرن کانسواءِ هڪ مبينا فرنٽ مين کي ايف آءِ آر ۾ جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر سرفراز چوڌري، ڊپٽي ڊائريڪٽر زوار احمد، اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر جي ٻن ڊپٽي ڊائريڪٽرن، محمد عثمان ۽ اياز خان کي به ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لاهور شعيب رياض ۽ مجتبيٰ ظفر کي به نامزد ڪيو ويو آهي. سب انسپيڪٽر لاهور ياسر رمضان، علي رضا کان علاوه، سلمان عزيز نالي هڪ شخص کي به ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي اهڙن الزامن تي 6 اين سي سي آءِ اي جي آفيسرن سميت 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.  ايف آءِ اي ٽيم موجب، 6 جوابدارن سرفراز چوڌري، زوار احمد، شعيب رياض، مجتبيٰ ظفر، علي رضا ۽ ياسر رمضان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدارن کي لاهور جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي دعويٰ ڪئي ته ايف آءِ آر ۾ ڪيل دعويٰ جي جاچ ۾ اهو ثابت ٿييو ته جوابدارن اختيارن جو غلط استعمال ڪندي پهريان 60 لک ۽ پوءِ 10، 10 لک رپين جا 3 چيڪ اوڳاڙيا. ياد رهي ته ڊپٽي ڊائريوٽر محمد عثمان هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ لاپتا ٿي ويو هو جنهن جي زال پوليس سان رابطو ڪيو هو، اهو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

  1. ماڻهن کي بليڪ ميل ڪندڙ نيٽ ورڪ جا 62 عملدار جاچ هيٺ

لاهور (عمران شفقت) ڊڪي ڀائي جي ڪٽنب کان رشوت وٺڻ واري معاملي ۾ ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ 6 ڄڻن جون گرفتاريون ٿيون آهن. حساس اداري جي آفيسر اهڙي نيٽ ورڪ کي پڪڙيو هيو، سندس چوڻ هو ته کيس شڪ آهي ته ڪٿي سموري معاملي تي ڪا ڊيل نه ٿي وڃي. ڊڪي ڀائي معاملي ۾ به ائين ئي لڳي ٿو پر اهو ياد رهي ته 62 آفيسر اڃا به حساس ادارن جي تحويل ۾ آهن ۽ مٿن اهڙا ئي ڳنڀير الزام آهن ته هنن نيٽ ورڪ ٺاهيو هو جنهن ۾ هو ماڻهن کي بليڪ ميل ڪندا هئا، ناجائز لاڳاپا به رکندا هئا، ڪجهه عورتن جي عزت به لٽي وئي. اهو نيٽ ورڪ ڪڌن ڏوهن ۾ ملوث آهي. ڏسڻو پوندو ته هن نيٽ ورڪ جو نتيجو ڇا نڪري ٿو. ڇا جوابدارن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويندو؟ کاتيوار ڪارروائي ٿيندي يا نه ٿيندي.

  1. ڪراچي ايئرپورٽ تي 24 ڪروڙ رپين جي ڊجيٽل ڪرنسي جي ڦر

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ايئرپورٽ تي 8 لک 50 هزار آمريڪي ڊالر(23 ڪروڙ 97 لک رپيا) جي ڊجيٽل ڪرنسي لٽجڻ واري معاملي ۾ متاثر شهري پوليس آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي۔ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادو واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته متاثر نوجوان جو بيان حاصل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جا ٻيا شاهدي ثبوت به گڏ ڪيا پيا وڃن۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته عدالتي حڪم جي روشني ۾ گريڊ-17 جو هڪ آفيسر به نالي سان نامزد ڪيو ويو آهي، ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ تفصيلي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي۔متاثر نوجوان پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته هن جي ريڪي ڪئي پئي وڃي ۽ کيس ڌمڪيون پڻ ملي رهيون آهن۔ هن ٻڌايو ته سندس اِي ميل اڪائونٽ ۽ واٽس ايپ به هيڪ ٿي چڪا آهن۔هن مطالبو ڪيو ته پوليس ايئرپورٽ جي سي سي ٽي وي فوٽيج پنهنجي قبضي ۾ وٺي، ڇوته جيڪڏهن 30 ڏينهن گذري ويا ته ويڊيو رڪارڊ پاڻمرادو ڊليٽ ٿي ويندي۔نوجوان موجب، ڪراچي ايئرپورٽ تي لڳل ڪئميرا رڪارڊنگ مان کيس لٽيندڙن کي سڃاڻي سگهجي ٿو، پر عدالت ۾ جيڪا فوٽيج جمع ڪرائي وئي آهي، اها ايڊيٽ ٿيل آهي جنهن ۾ هو 45 منٽ تائين هڪ ئي جاءِ تي ويٺو ڏسجي ٿو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.