اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي مبينا جعلي ڊگري واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس خادم حسين سومرو بينچ ۾ شامل ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن بعد بئنچ ٽُٽي وئي ۽ڪيس جي ٻڌڻي بغير ڪنهن ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي، رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس خادم حسين سومرو جسٽس جهانگيري ڊگري ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيا هئا، ٻڌڻي دوران اسلام آباد بار ايسوسيئيشن جي طرفان ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ بابت درخواست مقرر هئي، ٻڌڻي دوران جسٽس خادم حسين سومرو سومرو ٻڌڻي مان پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو، آءِ بي اي پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته عدالت ۾ التوا هيٺ آئيني درخواست جي منصفاڻي ۽ شفاف ٻڌڻي تڏهن ممڪن ٿيندي، جڏهن بار کي ڌر بڻايو وڃي، ڇو ته هن ڪيس ۾ اٿاريل قانوني مسئلا سڄي قانوني برادري ۽ قانون جي بالادستي لاءِ اهم آهن.
-
وفاقي حڪومت پاران اسپيشل الائونس ختم ڪرڻ خلاف عدالتي ملازمن جو احتجاج
ڪراچي (رپورٽر) وفاقي حڪومت پاران اسپيشل الائونس ختم ڪرڻ خلاف وفاق جي ماتحت عدالتن ۽ ٽربيونلز جي ملازمن جزوي طور ڪم ڇڏ هڙتال ڪري شاهراهه عراق روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو، ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لا۽ ڪم ڇڏ هڙتال سبب آفيس جو ڪم ڪار بيهجي ويو، مظاهرين چيو ته وفاقي حڪومت فوري طور تي اسپيشل الائونس بحال ڪري، احتساب عدالت وفاقي اينٽي ڪرپشن عدالتن ۽ بينڪنگ ڪورٽن سميت ٻين ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو.