نيتن ياهو جي حڪم تي اسرائيلي فوج جا غزا تي حملا شروع ڪري ڇڏيا

غزا/تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو هڪ ڀيرو وري جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪندي اسرائيلي فوج کي غزا ۾ فوري حملا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسرائيلي فوج غزا تي ٻيهر حملا شروع ڪري ڇڏيا جنهن ۾ ڪيترائي فلسطيني شهري شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن. اسرائيل طرفان غزا ۾ جنگ بندي معاهدو ٿيڻ کانپوءِ لاڳيتو ڀڃڪڙيون جاري آهن. ٻئي پاسي هڪ ڏينهن دوران اسرائيلي حملن ۾ غزا ۾ وڌيڪ 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا. گذريل ڏينهن حماس وڌيڪ هڪ اسرائيلي قيدي جو لاش حوالي ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي حماس چيو ته جنگ بندي جي ڀڃڪڙي تي لاشن جي حوالگي روڪي ڇڏينداسين. اهڙي ريت غزا جنگ بندي خطري ۾ پئجي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.