سکر ۽ چڪ جي ڪچي ۾ زميني تڪرار تان ڌار ڌار واقعن ۾ نينگر ۽ نوجوان قتل

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) شڪارپور سکر جي ڪچي شاھ ٻيلو ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ تڪرار فائرنگ ۾ 13 ورهين جو نينگر قتل، هڪ ڄڻو زخمي، ڪجهه ڏينهن اڳ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان راضي به دم ڏئي ڇڏيو، تڪرار ۾ نينگر سوڌو 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، لکي غلام شاهه ڀرسان ڪيٽي شاھ ٻيلو اندر زمين جي مالڪي تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين منير مصراڻي سميع الله مصراڻي وچ ۾ جهيڙو مال چاريندڙ ڌنارن مٿان فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ سميع الله مصراڻي جي ڌر سان واسطو رکندڙ 13 ورهين جو نينگر انور علي پٽ ظهير مصراڻي قتل ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو ڪريمڻ مصراڻي زخمي ٿي پيو، مقتول نينگر جو لاش سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ٿو ته ڌرين جي تڪرار ۾ هن وقت تائين 5 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ڪريمڻ ڪرسي جتوئي غلام نبي ڪرسي جتوئي وچ هلندڙ تڪرار تان ڪجهه ڏينهن اڳ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان راضي عرف ڏاڏو ڪرسي جتوئي زخمن جا سور نه سهندي سکر جي هڪ نجي اسپتال فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش چڪ اسپتال پهچائي بچل ڀيو ٿاڻي جي پوليس سان رابطو ڪيو پوليس ٽن ڪلاڪن تائين ٽال مٽول ڪندي رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.