ليجنڊ گلوڪاره عابده پروين جي علاج جو مڪمل ذمو وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کڻي

                 ننڍي کنڊ ۽ ملڪ جي نامياري گلوڪارا ۽ سنڌ  جي فخر  جوڳي فنڪاره عابده پروين صاحبه جي بيماري جون رپورٽون ملي رهيون آهن جنهن جي علاج جو اصولي ۽ اخلاقي طور وفاقي ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت کي پاڻمرادو ذمو کڻڻ گهرجي. عوامي آواز ميڊيا گروپ هن ايڊيٽوريل ذريعي نه رڳو عابده پروين جي عيادت ڪري ٿو پر گڏوگڏ سندس علاج جي پڻ حڪومتن کي تاڪيد ڪري ٿو.

                 اصل ۾ فنون لطيفه سان سلهاڙيل حڪومتي ادارن جو اهو فرض هوندو آهي ته اهي انهن شخصيتن جي زندگين جي حفاظت جو ذمو کڻن جيڪي فنون لطيفه جي وجود جون محافظ آهن جن جي دم سان فنون لطيفه جا شعبا  زنده آهن يا زنده رهي سگهن ٿا ۽ ۽ جن شخصيتن سڄي ڄمار فنون لطيفه جي خدمت ڪئي آهي. وري جڏهن فنون لطيفه سان سلهاڙيل زنده ليجندس جي ڳالهه ايندي جن ۾ فريده خانم، استاد غلام علي، عابده پروين، فتح علي خان جهڙا فنڪار اچن ٿا ۽ ايئن  فنون لطيفه سان سلهاڙيل سينئر  اداڪار، سازندا، مصور وغيره اچي وڃن ٿا سي جڏهن بيمار ٿيندا ته اصولي ۽ اخلاقي طور سندن علاج جي ذميواري پاڻمرادو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي کڻڻ گهرجي ته جيئن سندن علاج لاءِ ڪنهن کي اپيل ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿئي.

 جيستائين عابده پروين جو تعلق آهي ته سندس حيثيت اڄ ملڪ جي عزت ۽ فخر واري آهي. هن ملڪ جي جن شخصيتن  ڏيهه پرڏيهه عزت ڪرائي آهي، عابده پروين انهن مان هڪ  آهي جيڪا اڄ ننڍي کنڊ جي پڻ عزت ۽ فخر بڻجي چڪي آهي. اسان جي ملڪ اندر اهڙيون شخصيتون  به حڪومتن ۾ شامل آهن  ۽ وڏن سرڪاري عهدن تي آهن جن پنهنجن خراب عملن ۽ ڪردارن سان ملڪ کي بدنام ئي ڪيو آهي جن کي وري حڪومتن طرفان تمام گهڻيون مراعاتون به مليل هونديون آهن. عابده پروين ته ملڪ لاءِ عزت جو ئي باعث رهي آهي ۽ يقينن ان تي حڪومتن ۽ حڪمرانن کي به اختلاف نه هوندو پر چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جون حڪومتون جيڏو پروٽوڪول ملڪ کي بدنام ڪندڙن کي مُهيا ڪنديون آهن تيڏو  پروٽوڪول عزت ڏياريندڙ ليجنڊ شخصيتن لاءِ مُهيا ناهن ڪنديون.

عابده پروين ته ان عزت جي حقدار آهي جيڪا عزت هوءَ پاڻ سر سنگيت سان سلهاڙيل فنڪارن کي ڏيندي آهي. عابده سر ۽ سنگيت سان  واڳيل سينئر  ته ڇا پر جونيئر فنڪارن سان به پيرن تي هٿ رکي ۽ جهڪي ڪري ملندي آهي جنهن تي نوجوان فنڪار ششدر رهجي ويندا آهن. ان حوالي سان هڪ واقعو آهي ته عابده پروين کي ڪنهن جونيئر فنڪاره سان  اسٽوڊيو ۾ ڪلام ريڪارڊ ڪرائڻو هو. عابده پروين جيئن ئي اسٽوڊيو ۾ داخل ٿي ته ان ويٺل فنڪاره جي پيرن تي هٿ رکي جڏهن ساڻس ملي ته تڏهن ان جونيئر  فنڪاره کي احساس ٿيو ته اصل ۾ کيس اٿي ڪري سينئر ۽ ليجنڊ فنڪاره سان جهڪي ڪري ملڻ گهرجي پر عابده پروين پاڻ  اهڙي اڳڀرائي ڪري سڀني کي لاجواب ڪري ڇڏيو هو.

 سو حڪومت کي به گهرجي ته اهي عابده پروين کي اهڙي عزت ۽ اهڙو پروٽول ڏين ۽ اهو اعلان ڪن ته عابده پروين جي علاج جي ذميواري سندن مٿان  آهي. جڏهن سنڌ ثقافت کاتي جي وزير سسئي پيليجو هئي ته هن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ ابراهيم جويي صاحب جو عمر جي آخري حصي ۾ بيماري دوران آغا خان ڪراچي جي اسپتال مان سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو هو جنهن عمل کي  تڏهن ساراهيو ويو هو پر اهو ڪامريڊ سوڀي يا ابراهيم جويي صاحب تي حڪومت جو ڪو احسان نه هو پر ايئن ڪري حڪومتي وزير اصل ۾ پنهنجو ظرف ڏيکاريو ۽ مڃرايو هو. سو ان پاليسي کي عزت ۽ آبرو سان جاري رکڻ جي ضرورت آهي.

عابده پروين پنهنجي سڄي ڄمار سر ۽ سنگيت کي وقف ڪئي آهي. سندس عمر جو پهريون حصو سنڌي سنگيت کي ڏنل هو پر هڪ وقت پي ٽي پي جي پروڊيوسر سلطانه صديقي کيس موسيقي جو سولو پروگرام ڏنو ۽ ايئن عابده پروين کي نه رڳو اردو گائيڪي جي ميدان ۾ لاٿو پر هن اردو گائيڪي کي عابده پروين دريافت به ڪري ڏني. عابده پروين جي اردو ڪلام ڳائڻ  سان اردو غزل کي نئون سنڌي لهجو ملي ويو جنهن عابده پروين کي اردو گائيڪي ۾ منفرد مقام ڏنو. مثال طور عابده پروين پنهنجي ڳايل سنڌي ڪلام ” مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ“ جي ڌن تي اردو ڪلام ”آدمي آدمي سي ملتا هي  دل مگر ڪم ڪسي ملتا هي“ ڳاتو ته اردو غزل جي گائيڪي کي سنڌي ڌن ملي وئي. ان سنڌي اردو جي  گڏيل ڌن توڙي گائيڪي کي پوءِ سٺو سنوڻ قرار ڏنو ويو.

 وري اڳتي هلي عابده پروين صوفي ڪلامن تي گهڻو زور ڏنو ۽ صوفي شاعرن  جي ڪلام کي نئين نسل ۾ منتقل ڪرڻ جي عظيم خدمت سرانجام ڏني. جڏهن ته ان کان اڳ نئون نڪور نسل صرف ۽ صرف پاپ ميوزڪ تائين محدود هو پر عابده پروين عوامي محفلن ۾ صوفي ڪلام ڳائي نئين نسل کي صوفي تعليم ڏانهن راغب ڪيو جنهن کي اسان سندس غير معمولي ۽ يادگار  خدمت سمجهون ٿا.

اڄ ان عظيم فنڪاره سان سندس بيماري ۾ پير کڻڻ ۽ سندس سهائتا جي ضرورت آهي. اهو عابده پروين جو حق ۽ اسان سڀني جو فرض آهي ۽ اسان سڀني جي فرض جي ادائيگي جي ترجمان وقت جي حڪومت ۽ حڪمران آهن جن کي عوام ووٽ ڏئي چونڊي اقتداري ايوانن ۾ موڪليو آهي. سو اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ليجنڊ فنڪاره عابده پروين جي علاج جي مڪمل ذميواري کڻندي ۽ فخر لائق روايت پيدا ڪندي. ان ڏس ۾ حڪومت جي اڳڀرائي جو انتظار رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.