معصوميت جي سوداگر ڏھن ورهين جي مقدر علي جي درد ڀري ڪٿا

تحرير: آزاد غلام رسول مزاري

ٻيون ۽ آخري حصو

مقدر ٿوري دير تائين پئسا هٿ ۾ جهلي سوچڻ لڳو ۽ ها !! پئسن ڏانهن ڏسندو رهيو۔ اکين ۾ خوشيءَ جي ڪا چمڪ نه هئي، بلڪه هڪ گم ٿيل سوچ هئي۔ پوءِ آهستي منهنجو هٿ کولي، پئسا واپس رکندي چيائين، چاچا، ماسي منهنجي روز تلاشي وٺندي آهي، اهي پئسا مون کان کسي ويندي، منهنجي ڪم جا نه ٿيندا۔ توهان واپس رکو۔ هن جي ان جملي تي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي اندر ڦاٽڻ لڳو هو۔ مون چيو، ته پوءِ انهن مان هوٽل تي ماني کائي ڇڏجان۔

هن ٻن سئو رپين جا ٻه نوٽ کيسي ۾ وجهي، باقي ٽي سئو واپس ڪيا۔ چيائين، سئو جي دال وٺندس، 40 جون ٻه مانيون  ۽ 60 جي چانهه جو ڪٽ۔ ايترو ئي ڪافي آهي، باقي توهان رکجو۔ مون موبائل ڪڍي چيو، پٽ، تنهنجو فوٽو ڪڍان؟ هڪدم ٿيلهي منهن تي آڻي چيائين، چاچا، نه! منهنجو فوٽو نه ڪڍجو۔ اڳ به ڪنهن ڪڍي فيس بوڪ تي وڌو، ماسي ڏسي ورتو، مون کي ايترو ماريو جو ساهه نڪري ويو هو۔ چيائين مونکي بدنام ٿا ڪيو۔ تنهن ڪري ڏاڍي ماري ڪڍيائين  هو ڏاڍو خوف ۾ ورتل هو۔  مون چيو، ٺيڪ آهي بابا،  تنهنجي تصوير نٿو ڪڍان ۔

هن جي منهن تي اداس ۽ فڪي مرڪ تري آئي۔ اها مرڪ جيڪا سڄي سماج جي شرمندگيءَ تي چماٽ لڳائي ٿي۔ هي ننڍڙو ٻار فقط هڪ ٻار نه، پر سماج جي بي حسيءَ جو زنده استعارو هو۔ هن جي معصوم لهجي ۾ سوال اڀري اچن ٿا: ڪٿي آهن اهي قانون، جيڪي ٻارن کي جبري مزدوريءَ کان بچائڻ جا دعويدار آهن؟

ڪٿي آهي اها حڪومت، جيڪا انهن ننڍڙن هٿن مان ٿيلها کسي، ڪتاب ڏيڻ جو واعدو ڪري ٿي؟

مقدر جهڙا هزارين ٻار، سنڌ جي رستن، بازارن، ۽ چوراهن تي روز انسانيت جي عدالت ۾ خاموش گواهي ڏئي رهيا آهن  ته اسان جو سماج ظالم آهي، اسان جو نظام بيوس آهي، ۽ اسان جي خاموشي جرم بڻجي چڪي آهي۔ مقدر درس جو ننڍڙو وجود هڪ وڏي صدائيءَ کي چٽي ٿو  اها صدائي جيڪا اسان گھڻو ڪري ٻڌڻ کان انڪار ڪندا آهيون. هن معصوم ٻار جو چهرو، سندس اکيون، سندس سادگي  اهي سڀ منهنجي دل تي اهڙي ٽڪراءِ جهڙا اثر ڇڏيا جو منهنجو آواز ساڳئي دٻيل سوال سان ڀريل رهجي ويو: اسان جو سماج ڪٿي وڃي بيٺو آهي؟ اسان جي روحن جا پاسبان ڪٿان لاٿا ويا۔ مقدر جي معصوميت ۾ هڪ اهڙي قسم جي سچائي هئي جيڪا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ کان وڌيڪ ڏسڻ سان ئي دل تي گهاءُ ڪرڻ لڳي . جڏهن هن پنهنجو ننڍڙو جسم هڪ ڊالڊا جي ٿيلهيءَ جي پورهيئي  سان جھڪائي وڌو هو، تڏهن مون کي محسوس ٿيو ته هتي فقط هڪ ٻار نه ۔ هتي هڪ سڄي معاشري جي بيزاريءَ جي تصوير سامهون بيٺي آهي. سندس اکين ۾ نه فقط پنهنجي والد جو گم ٿيڻ يا ماءُ جي وڇوڙي جو غم هو، پر هر روز جي مجبوري، هر رات جي اڻ مٽئيل فرعونيت، هر ڏينهن ۾ ٻج لازمي کپائڻ جو تعجب ۔ هن سڀني جي هڪ گڏيل پيڙائن  هن جي اندر ۾ قيامت مچائي ڇڏي هئي. هن جون ڳالهيون هڪ اهڙي زبان جي طاقت آهن جنهن ۾ سماج جي بي انصافيءَ ۽ ڏاڍايون ظاهر ڪري رهي هئي.

مقدر جي هن قصي ۾ اسان جي معاشري جا ڪيترائي رخ لڪيل آهن: عورتن جي بي روزگاري، غريبن جي بي وسي، ٻارن جو جبري پورهيو، ۽ هڪ اهڙو نظام جيڪو ظالم جي حق ۾ ۽ مظلوم جي خلاف ڪم ڪندو آهي. جڏهن هڪ ٻار ڪتابن بدران ٻج کپائي رهيو هوندو، جڏهن سندس ننڍڙا هٿ مڪتب جي بجاءِ رستن جي ڌوڙ سان سينگاريل هجن، تڏهن اهو صرف مقدر جو نقصان نه آهي ۔ اهو اسان  جي سڄي معاشري جو نقصان آهي. مقدر جون اکيون جڏهن مونکي تڪڻ لڳيون تڏهن منهنجي اندر ۾ ڪيئن سوال اڀري آيا : ڇا انهيءَ سماج ۾ ڪو قانون آهي جيڪو اهڙن ٻارن کي بچائي؟ ڇا ڪنهن اداري جا نور راهنما اڃا تائين نديم آهن؟ ڇا اسان جون اعلان ٿيل انسانيتون صرف چار لفظن ۾ لکي رهجي ويون آهن

مقدر کي ماسي ماريندي به آهي۔ انهي جملي جو وزن سراسر اسلامتي، عدالتي، ۽ انساني شرم جو امتحان آهي. جتي هڪ معصوم زندگيءَ کي روزي جي خاطر هر روز ذيلي درجه تي رکيو وڃي، اتي انصاف عوامي نعرو بڻجي ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اها فقط ديوار تي لکيل شعار هوندي آهي.

اسان جي سماج ۾ ايتري سختيءَ سان ڇڪتاڻ آهي جو ٻارن جي دماغ ۽ دلين کي احساس ڪمتري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. مقدر جو اهو سادو فيصلو  پئسا واپس ڪرڻ، ڇو ته ماسي وٺي ويندي  ان ۾ وڏي همت , جرعت غيرت نظر آئي ۽ ها۔ ۔? خبر ناهي ته ڪيتري ٽٽي ويل اميد آهي هن جي من ۾. پر هن جي انهن لفظن ۾ هڪ انديشو به گهرو هو: اهي پئسا منهنجي ڪم جا نه ٿيندا. انهي جملي منهنجي   احساسن کي زخمي ڪري وڌو هو۔

اسان  جي هن معاشري ۾ پيٽ بکايل ٻچا، اداس چهرا، پياسا ، ۽ ليڙون ليڙون ٿيل لٽا آهن. اسان جي شهري توڙي ٻهراڙي جي معاشري ۾ هزارين مقدر لڪل آهن۔ جيڪي جيون جي شروعات ۾ ئي هر اميد کان محروم ٿي پون ٿا. انهن جي ڪهاڻين ۾ ڪو سرڪاري وڙائو ناهي، ڪو شهري همدرد ناهي، بس هڪ  ٿيلهي، هڪ اداس چهرو، ۽ رات جي مانيءَ لاءِ هڪ ئي اميد آهي.

اسان کي هاڻي فقط احساس ڪرڻ کان اڳتي وڌي عمل ڪرڻو پوندو. پئسا ڏيڻ، ناشتو ڏيڻ، مدد ڪرڻ عظيم قدم آهن، پر گڏوگڏ اسان کي انهن بنيادي سببن کي به وسعت سان ڏسڻو پوندو جن انهن ٻارن کي اهڙي حالت ۾ آندو: غربت، بي روزگاري، اڻ پڙھائي، ۽ سماجي تحفظ جو نظام جي کوٽ. جڏهن تائين اسان اُن نظام کي نه بدلنداسين، مقدر جهڙا معصوم ٻار اسان جي روڊن تي اڃا به ڌڪا کائندي نظر ايندا.هي ڪهاڻي صرف مقدر جي نه، پر اسان جي سڄي معاشري جي ڪهاڻي آهي. هر دفعي جڏهن اسان ڪنهن ٻار جي اکين ۾ ٿيندڙ درد کي ڏسندي پنهنجو رخ ٻئي طرف موڙيون ٿا، اسان هڪ ننڍڙي انسان کي پنهنجي حق کان محروم ڪيون ٿا. مقدر جو آواز اسان کي پڪار ڪري ٿو: اسان کي به انسان سمجهو. اهو سادو مگر گهرو مطالبو آهي ۔ انسانيت جي بنيادي تقاضائن جو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.