ڪراچي (رپورٽر) ملير جي علائقي راشدي گوٺ ۾ نشي ۾ ڌت شخص ڊبل ڪيبن گاڏي تي ڪنٽرول وڃائي ڪيترن موٽر سائيڪل سوارن ۽ هڪ لوڊر رکشا کي ٽڪر هنيو، ڪينٽ ٿاڻي جي حد راشدي گوٺ ۾ ڊرائيور عظمت علي شاهه تيز رفتاري سان ڊبل ڪيبن ريوا گاڏي هلائيندي ٻن کان ٽن موٽر سائيڪلن ۽ هڪ لوڊر رڪشا کي ٽڪر ڪيو، جنهن بعد گاڏي فٽ پاٿ تي چڙهي وئي، پوليس فوري ڪارروائي ڪندي ڊرائيور عظمت علي شاهه کي گاڏي سميت گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب گرفتار شخص جي قبضي مان اسٽرونگ بيئر جا ٽي ڪين به هٿ آيا، جن مان هڪ اڌ استعمال ٿيل هو، ملير ڪينٽ پوليس موجب واقعي جا ٻه الڳ مقدمات داخل ڪيا وياآهن، هڪ لاپرواهي ۽ غفلت سان گاڏي هلائڻ تي ۽ ٻيو شراب رکڻ تي ڊرائيور وٽ ڊرائيونگ لائسنس به نه هو.