صحافي امتياز مير جي قتل ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

ڪراچي (رپورٽ: عرفان بلوچ) سنڌ حڪومت سينيئر صحافي امتياز مير جي قتل ۾ ملوث چئن عالمي پابندي پيل دهشتگرد تنظيم جي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،  صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو آهي ته اسرائيل جي حمايت ۾ لفظ ڳالهائڻ تي امتياز مير کي قتل ڪيو ويو، جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته صحافي امتياز مير کي قتل ڪيو ويو هو، امتياز مير جي وارثن ڪيس فوري طور داخل ڪرايو هو، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته معاملو ڪليئر ٿيڻ بعد ايف آءِ آر ڪريون، صحافي جو معاملو هو، صحافين جو پريشر به هو پوليس وفاقي انٽيليجنس ايجنسين جي مدد سان 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي،  قتل ۾ زين البيون برگيڊ عرف لشڪر ٿار الله ملوث آهي، هينڊلر پاڙيسري ملڪ ۾ آهي احسن ۽ فراز امتياز مير جي ريڪي ڪئي هئي، شوٽر سيد اجلال هو جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، هن چيو ته امتياز مير جو انٽرويو آهي، جنهن ۾ امتياز مير اسرائيل جي سپورٽ ۾ لفظ ڳالھايا، ان ڪري کيس قتل ڪيو ويو، گهرو وزير  چيو ته  گرفتار جوابدارن ۾ اجلال، شهاب، احسن عباس ۽ فراز شامل آهن جوابدارن کي پاڙيسري ملڪ مان مالي مدد ۽ ٽارگيٽ ملندا هئا، امتياز مير تي حملي دوران هٿ آيل گولين جا خول ميچ ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.